گڏيل قومون- 24 فيبروري(اي پي پي) پاڪستان ??وس ۽ يوڪرين تڪرار جي پرامن حل لاءِ ٻنهي ڌرين وچ ۾ ڳالهيون ٻيهر شروع ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. پاڪستان ??وس – يوڪرين جنگ کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ پيش ڪيل قرارداد تي ٿيل راءِ شماري ۾ حصو نه ورتو، ان موقعي تي گڏيل قومن ۾ پاڪستان ??ي مستقل نمائندي منير اڪرم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ روس – يوڪرين تڪرار جي خاتمي جي قرارداد تي راءِ شماري ۾ حصو نه وٺڻ جي وضاحت ڏيندي ٻڌايو ته هن ان قرارداد تي راءِ شماري ۾ حصو وٺڻ کان پاسو ڪيو، جنهن جو مسودو يوڪرين تيار ڪيو هو، شريڪ اسپانسرز طرفان ??ڪرار جي شدت ۾ گهٽتائي آڻڻ جي ڪوششن باوجود ڪجهه شقون هاڻي به پاڪستان ??ي اصولي موقف سان هڪجهڙائي نٿيون رکن. هن چيو ته پاڪستان ??ودمختياري، برابر خودمختياري ۽ رياستن جي علائقائي سالميت جي احترام جي اصول ۽ ڌمڪي يا طاقت جي استعمال سان ??لائقي کي حاصل نه ڪرڻ جي مطالبي جي مڪمل حمايت ڪري ٿو. پاڪستاني سفير چ??و ته طاقت جي استعمال سان ??ياستن کي حاصل نٿو ڪري سگهجي پر کيس افسوس آهي ته پرڏيهي قبضي جي صورتحال ۽ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي غير قانوني ۽ جبري الحاق جي جاري ڪوششن ۾ انهن اصولن جو عالمي سطح تي لاڳو ۽ احترام نه ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان يوڪرين ۾ جامع، منصفاڻي ۽ ڊگهي مدي واري امن کي حاصل ڪرڻ ل??ءِ سفارتي ڪوششن لاءِ پنهنجي حمايت کي ٻيڻو ڪرڻ ل??ءِ ميمبر ملڪن ۽ عالمي تنظيمن کان قرارداد جي مطالبي جي به توثيق ڪري ٿو. جيستائين اشتعال انگيزي جاري آهي، جنگ جو وڌيڪ فوجي ۽ جاگرافيائي ط??ر تي وڌڻ جو سدائين خطرو موجود آهي جيڪو عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ هڪ فوري خطرو آهي. پاڪستاني نمائندي چيو ته قرارداد جي مسودي ۾ موجود اصولن ۽ عمومي شقن سان ??تفاق ۽ ان ??ي توثيق ڪندي ڪجهه شقون پاڪستان ??ي اصولي موقف سان هڪجهڙائي نٿيون رکن، هڪ اهڙي ملڪ جي ط??ر تي جنهن پنهنجي پاڙيسري ملڪ ۾ ڊگهي تڪرارن کي ڏٺو ۽ ان کي منهن ڏنو آهي، اسان ??ڌو سنئون يا اڻ سڌو ڳالهيون، ثالثي ۽ ٻين پرامن ذريعن جي ذريعي هڪ منصفاڻي ۽ پائيدار حل کي حاصل ڪرڻ ل??ءِ دشمني جي فوري خاتمي ۽ ٻيهر ڳالهين جي آغاز کي سڀ کان وڌيڪ ترجيح ڏيون ٿا ۽ ان ??لسلي ۾ اسان ??المي تڪرارن جي پيسفڪ سيٽلمنٽ لاءِ گڏيل قومن چارٽر جي شقن جي باب VI ۽ VIII تحت تڪرار جي پرامن سفارتي حل لاءِ ڳالهين کي برقرار رکڻ، ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي، نئين سري سان ڳالهين جي پائيدار ڪوششن لاءِ گڏيل قومون ۽ سيڪريٽري جنرل اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. پاڪستاني نمائندي منير اڪرم چيو ته پاڪستان کي اميد آهي ته هڪ تعيري موقف ۾ ڌريون جلد ئي گڏيل ۽ جلد دشمني جي خاتمي کي قبول ڪري وٺنديون.
علائقائي سالميت جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا، يوڪرين جي حوالي سان قرارداد جون ڪجهه شقون پاڪستان جي اصولي موقف سان هڪجهڙائي نٿيون رکن: منير اڪرم
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی