گڏيل قومن-28 نومبر (اي پي پي)گڏيل قومن جي ??يڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس ڏکڻ قطب ويجهو واقع انٽارڪٽيڪا کنڊ کي خطرناڪ ديو قرار ڏيندي چيو آهي ته ماحولياتي تبديليون ان ديو جي ??اڳائي رهيون آهن. انٽارڪٽيڪا جي ??ؤري تان واپسيءَ تي گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽرز ۾ صحافين سان ڳاله??ئي??دي هن چيو ته انٽارڪٽيڪا ۽ گرين لينڊ ۾ برف 1990ع جي ڏهاڪي جي ??روعات جي ڀيٽ ۾ ٽيڻ تي وڌيڪ پگهرجي ??هي آهي، ان جي نتيجي ۾ سال جي هن وقت ڏکڻ قطب تي عام طور تي جيڪو علائقو برف سان ڍڪيل هوندو آهي، هن وقت ان ايراضيءَ ۾ 15 لک چورس ڪلوميٽر گهٽتائي اچي چڪي آهي، جيڪا پرتگال، اسپين، فرانس ۽ جرمني جي گڏيل ايراضيءَ جي ??رابر آهي. هن چيو ته برف جي ??يزيءَ سان پگهرجڻ جا اثر انٽارڪٽيڪا ت??ئي?? محدود نه رهندا، ان جي نتيجي ۾ سمنڊ جي ??طح بلند ٿيندي ۽ ان سان سڄي دنيا ۾ سامونڊي آبادين ۾ رهندڙن جون حياتيون ۽ معيشت خراب ريت خطري جو شڪار ٿيندي. ان ۾ سڄي دنيا ۾ پکڙيل ننڍا ٻيٽ ۽ سامونڊي شهر پڻ شامل آهن. هن چيو ته انٽارڪٽيڪا ۽ ان جي ڀرپاسي پاڻيءَ جي چُرپر سڄي دنيا ۾ گرمي، غذائي شين ۽ ڪاربان کي ورهائي ٿي، جنهن سان اسان جي ??بهوا ۽ علائقائي موسمي ماڊلز کي منظم ٿيڻ ۾ مدد ملندي آهي، پر ڏکڻ ماٺي سمنڊ جي پاڻيءَ جو گرمي پد وڌڻ ۽ ان جي ??يراضيءَ ۾ گهٽتائيءَ سبب اهو نظام سست ٿي رهيو آهي، ان نظام ۾ وڌيڪ سستي يا ان ۾ مڪمل خرابي وڏي ??يم??ني تي تباهيءَ جو سبب بڻجندي. ان خبردار ڪيو ته فاصل فيول جي ??ستعمال ۾ گهٽتائي نه هجڻ جي ??ورت ۾ هلندڙ صديءَ جي ??خر ت??ئي?? زمين جو سراسر گرمي پد 3 ڊگري سينٽي گريڊ ت??ئي?? وڌي سگهي ٿو، جنهن جا اثر تباهه ڪُن هوندا. انٽارڪٽيڪا ۽ـ گرين لينڊ ۾ برف جي گهٽجڻ سبب موسم جي ??دت ۽ گرميءَ ۾ واڌ ٿيندي. هن چيو ته هلندڙ هفتي ۾ دبئي ۾ ٿيندڙ ڪوپ 28 ڪانفرنس ۾ عالمي اڳواڻن کي سنجيدگيءَ سان ان سلسلي ۾ قدم کڻندا پوندا. هن تجويز ڏني ته ان مقص?? لاءِ تجديد جوڳي توانائيءَ جي ??ستعمال کي ٽيڻ تي ڪرڻو پوندو ۽ توانائي جي ڪارڪردگيءَ ۾ ٻيڻ ۽ 2030ع ت??ئي?? سڀني لاءِ صاف توانائيءَ ت??ئي?? رسائيءَ لاءِ عالمي معاهدو ڪرڻ گهرجي.
انٽارڪٽيڪا ۽ گرين لينڊ ۾ برف جا تيزي سان پگهرجڻ جا نتيجا تباهه ڪُن هوندا: گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لائیو ڈرا