لنڊن – 15 جنوري (اي پي پي) دنيا جي پنج امير ترين مردن جي دولت ۾ 2020 کانپوءِ ٻيڻو اضافو ٿيو آه?? جڏهن ته ان ئي عرصي ۾ دنيا جي 5 ارب آبادي غربت جو شڪار ٿي. اردو نيوز مطابق برطانوي امدادي اداري اوڪسفيم جي رپورٽ م??ابق انهن پنج شخصيتن جي مجموعي دولت 405 ارب ڊالر هئي جيڪا 2020 کانپوءِ کان وڌي 860 ارب ڊالر ٿي وئي آه??. رپورٽ م??ابق ان ئي عرصي ۾ دنيا جي اٽڪل پنج ارب آبادي غريب کان غريب تر هوندي وئي. ڊيووس ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي موقعي تي سومر تي جاري ڪيل ان رپورٽ ۾ چيو ويو آه?? ته 2020 جي ڀيٽ ۾ اڄ ارب پتي ماڻهن جي دولت 3.3 ارب ڊالر وڌيڪ آه?? جڏهن ته ٻئي پاسي ان ڏهاڪي جي شروعات کان ئي دنيا جي معيشت ڪيترن ئي بحرانن جو شڪار رهي جنهن ۾ پهرين نمبر تي ڪورونا وائرس جي عالمي وبا هئي. اوڪسفيم ان رپورٽ ذريعي عالمي سطح تي وڌندڙ اڻ برابري جي مسئلي ڏانهن ??يا?? ڏياريو آه?? جڏهن امير ڪمپنيون ۽ ماڻهو وڌيڪ دولت گڏ ڪرڻ سان گڏو گڏ وڌيڪ طاقتور ٿيندا پيا وڃن. ان عدم توازن کي ختم ڪرڻ لاءِ رپورٽ ۾ لک پتي ماڻهن تي ويلٿ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آه?? جنهن مان هر سال 1.8 کرب ڊالر حاصل ڪري سگهجن ٿا. برطانوي اخبار گارڊين مطابق دنيا جي پنج امير ترين ماڻهن ايلون مسڪ، برنارڊ آرنلٽ، جيف بزوس، ليري ايلسن ۽ مارڪ زڪربرگ جي دولت ۾ 464 ارب ڊالر يعني 114 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. دنيا جو هڪ سيڪڙو امير طبقو سڄي دنيا جي 59 سيڪڙو مالي اثاثن جو مالڪ آه?? جن ۾ اسٽاڪ، شيئرز ۽ بانڊز پڻ شامل آه??. فوربز ميگزين مطابق دنيا جي امير ترين شخص ۽ ٽيسلا جي مالڪ ايلون مسڪ جي دولت 230.2 ارب ڊالر آه?? جڏهن ته امير ترين ماڻهن جي لسٽ ۾ ٻئين نمبر تي برنارڊ آرنلٽ ۽ سندس خاندان آه?? جيڪو فيشن برانڊ لوئي وٽان جو مالڪ آه??. برنارڊ آرنلٽ ۽ سندس خاندان جي ڪل اثاثن جي ماليت 182.4 ارب ڊالر آه??. ٽئين نمبي تي ايمازون جو مال جيف بيزوس آه?? جنهن جي دولت 176.9 ارب ڊالر آه??، چوٿين نمبر تي سافٽ ويئر ڪمپني اوريڪل جو مالڪ ليري ايليسن آه?? جنهن جي اثاثن جي ماليت 135.2 ارب ڊالر آه?? جڏهن ته پنجين نمبر تي فيس بڪ جو مالڪ مارڪ زڪربرگ آگي جنهن جي دولت 132.3 ارب ڊالر رڪارڊ ڪئي وئي آه??.
دنيا جي پنج امير ترين شخصيتن جي دولت ۾ 2020 کانپوءِ ٻيڻو اضافو ٿيو، اوڪسفيم جي رپورٽ
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز خریدیں