لنڊن- 31 جنوري (اي پي پي) برطانيه ۾ ذهني صحت جي مريضن جي هڪ وڏي تعداد الزام لڳايو آهي ته انهن جي علاج دوران نيشنل هيلٿ سروس جي عملي انهن ک?? ڏاڍائي جو نشانو بڻايو، قومي اسڪينڊل جي حيثيت رکندڙ ان بيان ملڪ کي لوڏي ڇڏيو آهي. گڏيل جاچ ڪميٽي ذريعي اها ڳالهه سامهون ائي آهي ته ذهني صحت جي 30 کان وڌيڪ ادارن ۾ 2019ع کان وٺي هن وقت تائين ملازمن طر??ان مريضن کي جنسي حملن جو نشانو بڻائڻ جون اٽڪل 20 هزار شڪايتون مليون آهن، جاچ مان اهو نتيجو ڪڍيو ويو آهي ته اين ايڇ ايس ٽرسٽ اڪثر واقعن کي پوليس وٽ رپورٽ ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو ۽ برطانيه ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪمزور مريضن کي جنس?? ڏاڍائي کان بچائڻ لاءِ جوڙيل اهم معيارن تي پورو نه لٿو آهي. 18 مهينن جي تحقيقات ۾ مريضن ۽ انهن جي ڪٽنبن ذهني صحت جي مريضن لاءِ مخصوص ڪيل يونٽن ۾ رهندڙ مريضن پاڻ سان ٿيل جنس?? ڏاڍاين جا واقعا ٻڌايا.صحت کاتي جي ت??جم??ن چيو آهي ته جنسي تشدد ناقابل قبول آهي ۽ اين ايڇ ايس تنظيمن ??ي ذميواري آهي ته هو عملي ۽ مريضن کي هڪجهڙو تحفظ فراهم ڪن. ت??جم??ن وڌيڪ ٻڌايو ته اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ اين ايڇ ايس سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون، ته ذهني صحت جي ادارن ۾ علاج ڪرائيندڙن مريضن کي محفوظ ۽ اعليٰ معيار جي سارسنڀال فراهم ڪري سگهجي.
نيشنل هيلٿ سروس لنڊن ۾ ذهني طور تي بيمار ماڻهن تي 20 هزار جنسي حملن جو انڪشاف
مضمون کا ماخذ : میان میجک وائلڈ فائر