دبئي -25 مارچ (اي پي پي) گڏيل عرب امارتن جي رياست دبئي جي اپيل ڪورٽ هڪ ايشيائي کي گمنام پيغام تي عمل ڪرڻ تي ڏنڊ ۽ ملڪ بدري جي سزا ٻڌائي آهي. ال??مارات اليوم مطابق يو اي اي کان ٻاهر هڪ ڊرگ ڊيلر طرفان ايشيائي شهري ??ي گمنام پيغام مليو جنهن ۾ کيس ملڪ ۾ ان ڪم جي لاءِ چيو ويو. ايشيائي شهري ??يلر سان منشيات ڪرسٽل خريد ڪئي ۽ اي ٽي ايم ذريعي رقم ان جي بئنڪ اڪائونٽ ۾ ??مع ڪرائي ڇڏي جن هن کان پوءِ ڊرگ ڊيلر طرفان کيس ان جڳهه جو نقشو ڏنو ويو جتي منشيات موجود هئي پر پوليس کيس گرفتار ڪري پبلڪ پراسيڪيوشن حوالي ڪري ??ڏيو. عدالت ۾ دبئي پوليس جي جنرل ڊپارٽمينٽ آف نارڪوٽڪس ڪنٽرول ٻڌايو ته جوابدار کي شڪ جي بنياد تي هڪ مارڪيٽ ويجهو منشيات کڻي ويندي پڪڙيو ويو. ان بابت ڄاڻ اعتماد جوڳن ذريعن طرفان ملي هئي. ڪيس جي ٻڌڻي دوران جوابدار قانون طور تي اطلاع ڏيڻ باوجود پيش نه ٿيو، عدالت فيصلي ۾ ڪيس جي سمورين شاهدين تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته جوابدار جو ڏوهاري ارادو پڻ نظر اچي ٿو، سموريون رپورٽون ۽ شاهديون ان جو ڏوهه ثابت ڪن ٿيون، تنهن ڪري ??يس 10 هزار درهم ڏنڊ ۽ ملڪ مان بدخلي جي سزا ٻڌائي وڃ?? ٿي.
گڏيل عرب امارتن ۾ ايشيائي شهري کي گمنام پيغام تي عمل ڪرڻ تي ڏنڊ ۽ ملڪ بدري جي سزا
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن