اسلام آباد – 03 نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم محمد نواز شريف سدائين سهپ، صبر ۽ تحمل جي سياست ڪئي ۽ ڪلچر کي فروغ ڏنو آهي، جمهوريت ۽ پارليامينٽ جي بالادستي قائم رکڻ جي ل??ءِ ضروري آهي ته سياسي ڪلچر ۾ سهپ هجي. پارليامينٽ هائوس جي ميڊيا گيلري ۾ پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن (پي آر اي) ۽ سينيئ?? صحافين سان ??الهائي رهي هئي. مريم اورنگزيب پارليامينٽ هائوس ۾ قائم پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن جي آفيس جو پڻ دورو ڪيو. پي آر اي جي صدر صديق ساجد کانسو??ءِ ٻين عهديدارن ۽ سينيئ?? صحافين جو وڏو انگ ان موقعي تي موجود هو. مملڪتي وزير مريم اورنگزيب صحافين سان ??الهائيندي چيو ته آئون وزيراعظم جي ٿورائتي آهيان جنهن منهنجي صلاحيتن تي اعتماد جو اظهار ڪندي مون کي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جو عهدو ڏنو آهي.
وزيراعظم سدائين سهپ، صبر ۽ تحمل جي سياست ڪئي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل