اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته هن هڪ هڪ پائي جو حساب ڏئي ڇڏيو آهي، اسان تي سرڪاري ناڻي جي گهپلن يا ڪرپشن جا الزام نه آهن پر شري?? خاندان جي نجي ?? ذاتي ڪاروبار ۽ معاملن کي الجهايو ۽ اڇاليو پيو وڃي، ملڪ ۾ شري?? خاندان کانسواءِ ڪو اهڙو خاندان نه آهي جنهن جي ٽن نسلن جو بي رحماڻو احتساب ٿيو هجي، نه ته اڳ ۾ اسان جي دامن تي ڪو ڪرپشن جو داغ هو نه ئي هاڻي ائين ٿيندو، مخالف ??يترا چاهين الزام هڻن، سازشون ڪن، اهي ناڪام ٿيندا، ايندڙ سال 20 ڪروڙ عوام جي وڏي عد??لت ۽ وڏي جي آءِ ٽي لڳڻ واري آهي ??يڪ?? 2013ع کان به وڌيڪ جوش ۽ جذبي سان اسان جي حق ۾ فيصلو ڪندي. پاناما دستاويزن جي جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ پاران جوڙيل جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿيڻ کانپوءِ جڊيشل ڪميشن اڪيڊمي ٻاهران اٽڪل ٽن ڪلاڪن کان انتظار ڪندڙ صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته هو جي آءِ ٽي آڏو پنهنجو موقف پيش ڪرڻ آيو آهي، هن چيو ته منهنجي سمورن اثاثن ۽ وسيلن جا دستاويز اڳ ۾ ئي لاڳاپيل ادارن سميت سپريم ڪورٽ وٽ موجود آهن، اڄ مون هڪ ڀيرو ٻيهر اهي سڀ دستاويز جي آءِ ٽي کي ڏنا آهن، هن چيو ته آئون سمجهان ٿو ته آئين ۽ قانون جي سربلندي جي حوالي سان اڄوڪو ڏينهن سنگ ميل جو درجو رکي ٿو، منهنجي حڪومت ۽ منهنجي سموري خاندان پنهنجو پاڻ کي احتساب جي لاءِ پيش ڪري ڇڏيو آهي.
هڪ هڪ پائي جو حساب ڏئي ڇڏيو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے نمبر