ٽوڪيو _ 19 اپريل (اي پي پي ) جاپان ، آمريڪا ۽ ڏکڻ ڪوريا چيو آهي ته هو پرڏيهي مٽا سٽا جي مارڪيٽن ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي بابت ويجها صلاح مشورا جا??ي رکندا . اين ايڇ ، جي مطابق جاپاني ناڻي واري وزير سوزوڪي شم اچي ، آمريڪي ناڻي واري وزير جينٽ يلين ۽ ڏکڻ ڪوريا جي اقتصاديات ۽ ماليات واري وزير چي سن موڪ جون ٽه ملڪي ڳالهيون واشنگٽن ۾ ٿيون . ٽنهن وزيرن جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته هو ڊالر جي مقابلي ۾ ين ۽ وان جي قدر ۾ تازي تيز رفتار گرائوٽ بابت جاپان ۽ جهموريه ڪوريا جي شديد ڳڻتي کي تسليم ڪن ٿا . ڪرنسي سيڙپڪار ان سبب ڊالر جي خريداري ڪ??ي رهيا آهن . اوسر جو سخت دٻاءِ جا??ي رهڻ سبب ويجهي مستقل ۾ آمريڪي وياج جي شرح ۾ گهٽتائي نه ڪئي ويندي . ڊالر جي مقابلي ۾ جاپاني ين جي قدر اٽڪل 34 سال جي گهٽ ترين سطح تي آهي .
مضمون کا ماخذ : prêmios raspadinha