اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) پرڏيهي معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار سينيٽر سرتاج عزيز چيو آهي ته 21 مئي تي بلوچستان ۾ آمريڪا طرفان ڪي?? ڊرون حملو بدقسمتي هئي ۽ ان عمل سان پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ اعتماد سازي وارن لاڳاپن کي سخت ڌڪ رسيو آهي. هن چيو ته ڊرون حملي جنهن ۾ افغان طالبان جو اڳواڻ ملا منصور مارجي ويو هو، سان افغانستان ۾ جاري امن عمل پڻ سخت متاثر ٿيو آهي ۽ ان قدم جا ڏور رس اثر ظاهر ٿيندا. هن چيو ته پاڪستان کي آمريڪا جي انهيءَ ڊرون حملي جي پهلوئن بابت ڪا يقيني ڄاڻ ناهي پر ان حملي ان مثبت بجاءِ منف?? اثر ٿيندا. ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي آمريڪا جي دوري ۽ ??يٽ??ي سپلائرز گروپ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڪوششن ۽ آمريڪا جي ڀارت ڏانهن وڌندڙ لاڙي بابت سوال تي سرتاج عزيز چيو ته ان عمل سان علائقائي اسٽريٽجڪ توازن متاثر ٿيندو.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کا انعام