اسلام آباد – 04 مئي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم ??ورنگزيب چيو آهي ته ??حر??ڪ انصاف کي پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس جي حوالي سان قانونن ۽ ضابطن کان پهرين ئي آگاهه ڪري ڇڏيو هو، پي آءِ ڊي ۾ صرف حڪومتي آفيشلز ۽ وزير ئي پريس ڪانفرنس ڪري سگهن ٿا، ??حر??ڪ انصاف کي قانونن جي خلاف ورزي جي عادت پئجي چڪي آهي، هو سمجهن ٿا ته هو ڪٿي به وڃي ڪجهه به ڪري سگهن ٿا، وڏي آواز ۾ ڪنهن اداري کي گاريون ڏئي ان کي دٻاءُ ۾ نٿو آڻي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار ه?? مختلف ٽي وي چئنلز سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پي ٽي آءِ پي آءِ ڊي ۾ پهرين به پريس ڪانفرنس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر کين خط جي ذريعي لکي ان بابت آگاهي ڏني وئي هئي ته ڪير هتي پريس ڪانفرنس ڪري سگهي ٿو ۽ پي آءِ ڊي جا قانون ۽ ضابطا ڪهڙا آهن.
مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث