اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب وزيراعظم مح??د نواز شريف کي پنهنجي حڪومت جا چار سال مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد پيش ڪندي چيو وزيراعظم مح??د نواز جي قيادت ۾ 19 سالن کانپوءِ ملڪ ۾ آدمشماري جو تاريخي عمل مڪمل ٿيو، ملڪ جون سموريون سياسي پارٽيون ۽ صوبائي حڪومتون قومي ترقي، خوشحالي ۽ يڪجهتي جي فروغ ۾ وزيراعظم مح??د نواز شريف جو ساٿ ڏين. سومر ڏينهن پنهنجي بيان ۾ مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم مح??د نواز شريف جي قيادت ۾ 19 سالن کانپوءِ ملڪ ۾ آدمشماري جو تاريخي عمل مڪمل ٿيو، ان کان پهرين آخري آدمشماري به 1998ع ۾ وزيراعظم مح??د نواز شريف جي دور ۾ ٿي هئي، هن چيو ته وزيراعظم مح??د نواز شريف ملڪي تاريخ جي پهرين گهرو سلامتي پاليسي ڏني، هن چيو ته ملڪ ۾ دهشتگردن جي چيلهه ٽوڙي وئي، ڪامياب ڪراچي آپريشن ڪيو ۽ دهشتگردي جي و??قع?? ۾ نمايان گهٽتائي آئي.
مريم اورنگزيب پاران وزيراعظم کي پنهنجي حڪومت جا چار سال مڪمل ڪرڻ تي مبارڪون
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن