ڪوئيٽا – 19 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو. وفاقي وز??ر احسن اقبال، مير حاصل خان بزنجو، عبدالقادر بلوچ ۽ وزيراعظم جو صلاحڪار ناصر خان جنجوعه وزيراعظم سان گڏ هئا. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڪوئيٽا ايئرپورٽ کان گورنر هائوس لاءِ روانو ٿي ويو جتي هو مختلف سياسي ۽ قبائلي اڳواڻن، بلوچستان جي وڏي وز??ر نواب ثناءُ الله خان زهري، بلوچستان جي گورنر محمد خان اچڪزئي ۽ صوبائي وز??رن جي وفدن سان ملاقاتون ڪندو.
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن