رياض – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نئين پاڪستان جو مطلب پاڪستان کي اسلامي فلاحي ۽ جمهوري رياست بڻائڻ آهي، ملڪ ۾ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ، مالياتي خسارو، مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن جهڙن مسئلن تي ض??بط?? آڻڻ لاءِ حڪمت عملي تحت ڪم ڪري ر??يا آهيون، بدعنواني جو خاتمو پهرين ترجيح آهي، پاڪستان کي سڀ کان وڌيڪ ضرورت امن ۽ استحڪام جي آهي، ڀارت سميت پاڙيسري ملڪن سان امن جا خواهشمند آهيون، معدنيات، هائوس??گ، انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وسيع امڪان موجود آهن، ٻاهرين سيڙپڪارن کي ون ونڊو سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي، سمنڊ پار پاڪستانين کي قانوني ذريعن سان مٽاسٽا جو ناڻو موڪلڻ جي لاءِ متوجهه ڪيو پيو وڃي. هو سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض ۾ ”مستقبل ۾ سيڙپڪاري جا موقعا“ جي عنوان سان ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي سوالن جوابن جي ويهڪ ۾ ڳالهائي ر??يو هو.
نئين پاڪستان جو مطلب ملڪ کي اسلامي ۽ جمهوري رياست بڻائڻ آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2