گڏيل ??ومون- 19 جنوري (اي پي پي) پاڪستان گڏيل ??ومن جي سلامتي ڪائونسل تي زور ڀريو آهي ته اها والاريل ??لسطين ۾ اسرائيلي اختيارين هٿان انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ مسجد اقصيٰ ۾ مسلسل اشتعال انگيزي کي روڪڻ لاءِ فوري ۽ ڀرپور عزم سان ڪارروائي ڪري ۽ عالمي قانونن ۽ وچ اوڀر تڪرارن تي گڏيل ??ومن جي قراردادن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي. گڏيل ??ومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم 15 رڪني سلامتي ڪائونسل جي وچ اوڀر جي صورتحال تي بحث دوران چيو ته ٻه رياستي حل ئي اسرائيلي فلسطين تڪرار جو واحد حل آهي. هن اسرائيلي وزيراعظم بنيا مين نيتن ياهو کي قيادت ۾ انتهائي ساڄي ڌر جي حڪومت جو حوالو ڏيندي چيو ته اسرائيلي قيادت ۾ وڌندڙ انتهاپسندي کي ٻه رياستي حل جي راهه ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته ڪنهن جي ذهن ۾ اهو سوال نه آهي ته والاريل ??لسطيني سرزمين ۾ اسرائيلي يهودي وستين لاءِ فلسطينين جي زمينن ۽ جائيدادن تي قبضا، معصوم فلسطيني ٻارن، عورتن ۽ نوجوانن خلاف تش??د، غزه جي ناڪابندي ۽ بيت المقدس ۾ مسجد اقصيٰ جي بي حرمتي جهڙي اسرائيلي قيادت جا قدم سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ انساني همدردي جي قانونن سميت عالمي قانونن جون سنگين خلاف ورزيون آهن. سلامتي ڪائونسل جو هي اجلاس پاڪستان سميت 90 کان وڌيڪ ملڪن جي ان بيان تي صحيح جي ڏس ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ گڏيل ??ومن جي جنرل اسيمبلي جي قرارداد کانپوءِ فلسطيني عوام، قيادت ۽ سول سوسائٽي خلاف اسرائيل جي اشتعال انگيز قدمن تي ”گهري ڳڻتي“ جو اظهار ڪيو ويو. پاڪستاني نمائندي چيو ته هو فلسطين تي اسرائيل جي غير قانوني قبضي خلاف انصاف جي عالمي عدالت (آءِ سي جي) جي قانوني ??اء?? ??ا منتظر آهيون، هن اميد ظاهر ڪئي ته انصاف جي عالمي عدالت جي ??اء?? والاريل ??لسطيني علائقن ۾ اسرائيل جي ڏوهن لاءِ جوابدهي جو سبب بڻجندي. هن چيو ته گذريل سال دوران اسرائيلي ڪاررواين ۾ وڏي تعداد ۾ فلسطيني ماريا ويا، هن اسرائيل طرفان مسجد اقصيٰ سميت اسلامي ۽ عيسائي مقدس ماڳن جي خلاف جاري جارحيت ۽ اشتعال انگيزي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.
سلامتي ڪائونسل فلسطين ۾ اسرائيلي اختيارن جي انساني حقن جي ڀڃڪڙين کي روڪڻ لاءِ ڀرپور عزم سان ڪارروائي ڪري: پاڪستان
مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil