بنڪاڪ-22 مارچ (اي پي پي) عالمي تنظيمن ۽ سڄي دنيا جي ملڪن هانگ ڪانگ طرفان قومي سلامتي جي نئين قانون جي حتمي منظوري تي ڳڻتي جو اظهار ڪري رهيا آهن. جاپاني خابرو اداري موجب هانگ ڪانگ جي قانونساز ڪا??ونسل متفقه طور تي قومي سلامتي جو بل منظور ڪيو آهي جنهن تحت رياستي رازن جي چوري، جاسوسي ۽ پرڏيهي مداخلت سميت، قومي سلامتي کي خطري ۾ وجهندڙ ڪا??رواين جي منع ڪندا. گڏيل قومن جي انساني حقن ??ابت هاءِ ڪمشنر جي آفيس چيو آهي ته قانون جي ڪجهه شقن ۾ جهول آهي ۽ اهي اختلاف راءِ جو اظهار ڪندڙن کانسواءِ صحافين ۽ انساني حقن ??ي علمبردارن کي هروڀرو نشانو بڻائي سگهن ٿيون. آفيس چيو ته ان طرح جي اهم قانون کي مڪمل غور ۽ فڪر لاءِ گهربل و??ت ڏيڻ کانسواءِ تڪڙ ۾ منظور ڪرڻ هانگ ڪانگ ۾ انساني حقن ??ي تحفظ ڏانهن ناڪاري قدم آهي. برطانيه جي پرڏيهي وزارت چيو ته هي قانون هانگ ڪانگ جي ماڻهن ۾ پنهنجو آواز دٻائڻ جي ثقافت کي هٿي ڏيندو ۽ اظهار جي آزا??ي، ميڙاڪي جي حق ۽ ميڊيا جي آزادي تي جاري راتاهن جي عمل کي سگهه ڏيندو. وزارت هانگ ڪانگ جي عملدارن تي زور ڀريو ته هو بنيادي انساني حقن ۽ آزادين جو احترام ڪن. يورپي يونين چيو ته هي قانون هانگ ڪانگ ۾ يورپي يونين جي شهرين، تنظيمن ۽ ڪمپين کي متاثر ڪري سگهي ٿو.
هانگ ڪانگ جي قومي سلامتي جي نئين قانون تي عالمي برادري پاران ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : raspadinha caixa