انقره -18 مارچ (اي پي پي) ترڪيه جي صدر رجب طيب اردگان چيو آه?? ته فلسطيني علائقن ۾ هڪ وڏو انساني الميو اڀري رهيو آه??. ٽي آر ٽي مطابق استنبول ۾ نار ڪانگريس سينٽر ۾ افطار پروگرام کي خطاب ڪندي ترڪيه جي صدر چيو ته رمضان المبارڪ جو مقدس مهينو هڪ تڪليف ڏيندڙ دور مان گذري رهيو آه?? جڏهن تڪرار، انساني الميه ۽ بحر??ن عروج تي آه??. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته جڏهن اسان پنهنجي پيارن، خاندان وارن ۽ رشتيدارن سان گڏ افطار جون خوشيون ورهائي رهيا آه??ون تڏهن غزه ۽ والاريل فلسطيني علائقن ۾ هڪ وڏو انساني الميو آه?? جنهن لاءِ لفظ ناڪافي آه??. هن چيو ته انسانيت لاءِ انتهائي ڏکوئيندڙ ۽ شرمناڪ ڏينهن جو مشاهدو ڪري رهيا آه??ون، جتي گرم کاڌا يا صاف پاڻي ??و هڪ گلاس ملڻ به عيش و عشرت کان گهٽ ناهي. هن چيو ته اسان جي دلين جي مختلف ڪنڊن ۾ اسان جا ڀائر، خاص طور يمن، شام، سوڊان، ترڪستان ۽ افغانستان ۾، هنن مقدس ڏينهن ۾ واقعي سخت امتحانن مان گذري رهيا آه??. هن چيو ته اسان ان دور مان گذري رهيا آه??ون جڏهن مظلومن لاءِ انصاف، امن ۽ يڪجهتي جي ضرورت پهرين کان وڌيڪ آه??. هن چيو ته رمضان المبارڪ جي آمد سان ئي ترڪ قوم غزه ۽ ٻين مظلوم علائقن لاءِ پنهنجي امداد ۾ اضافو ڪيو آه??.
فلسطيني علائقن ۾ وڏو انساني الميو اڀري رهيو آهي: ترڪيه
مضمون کا ماخذ : جوگوس ڈی لوٹیریا آن لائن