رياض _12 نومبر (اي پي پي )عرب ليگ جي سيڪريٽري جنرل احمد ابو الغيط اميد ظاهر ڪئي آهي ته گڏيل ??ومن جي جنرل اسيمبلي ج??د ئي اڪثريتي ووٽ ذريعي اسرائيل جي گڏيل ??ومن ۾ رڪنيت مجمند ڪري سگهي ٿي . پرڏيهي ميڊيا مطابق هن گذريل ڏينهن سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض ۾ عرب اسلامڪ غير معمولي سربراهي اجلاس بعد پريس ڪانفر??س کي خطاب ڪندي چيو ته مون کي يقين آهي ته ڪيتريون رياستون اسرائيل جي رڪنيت کي منجمند ڪرڻ جي حمايت ڪنديون ۽ اهو منجمند ڪرڻ گڏيل ??ومن جي سلامتي ڪائونسل جي ويزن تحت ناهي . هن چيو ته گڏيل ??ومن جي سلامتي ڪائونسل واحد ڌر آهي جيڪا ميمبرن کي نيڪالي ڏيڻ ۽ ان ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪري سگهي ٿي پر نيڪالي ڏيڻ يا شامل ٿيڻ جي ڳالهه ناهي ڪري رهي ،اسان (رڪنيت ) منجمند ڪرڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون ، اسان ج??د ئي جنرل اسيمبلي جي اڪثريتي ووٽ ذريعي رڪنيت جي منجمند ٿيڻ جو مشاهدو ڪري سگهون ٿا . اهو اهڙو قدم آهي جيڪو شين کي درست جڳهه تي رکي ٿو .عرب ليگ جي سيڪريٽري جنرل سان گڏ سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان پڻ موجود هو . شهزاده فيصل بن فرهان چيو ته ٻه رياستي حل هڪ سست موت مري رهيو هو پر غزه تڪرار ۽ اولهه ڪناري ۾ اسرائيلي ڪاروائين سبب هاڻي ان تي عالمي برادري جو اتفاق رائي بڻجي رهيو آهي . هن چيو ته گڏيل ??ومن جي ميمبرن جي اڪثريت جيتوڻيڪ دنيا جا وڏا ملڪ به ٻه رياستي حل جي پويان مضبوطي سان بيٺل آهن ،منهنجي خيال ۾ ان حوالي سان اهم اڳڀرائي ٿي آهي. هن جو چوڻ هو ته ڪيترن ملڪن فلسطين جي رياست کي تسليم ڪيو ۽ ٻيون اڃان به تسليم ڪرڻ تي غور ڪري رهيون آهن . جن ۾ ڪجهه اهم ملڪ به آهن.
گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ اسرائيل جي رڪنيت منجمند ٿيڻ جو امڪان آهي: عرب ليگ
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن