اسلام آباد – 18 مئي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ڪلڀوشن ياديو هڪ ڀارتي دهشتگرد ۽ جاسوس آهي ۽ ان جو اعتراف هو پاڻ ڪري چڪو آهي، قومي سلامتي جي معاملن کي نظر ۾ رکندي ڪلڀوش?? خلاف آئين ۽ قانون موجب ڪارروائي ڪئي وئي، قان??ن واري وزارت انصاف جي عالمي عدالت جي فيصلي جو غور سان جائزو وٺي رهي آهي. جاري ڪيل هڪ بيان ۾ مملڪتي وزير چيو ته قومي سلامتي بابت معاملن تي سوچي سمجهي ڳالهائڻ گهرجي، پاڪستان جي قومي سلامتي تي ڪو ٺاه?? نه ڪيو ويندو، مخالف ڌر ??ميت اسان سڀني کي قومي مفاد جي فيصلي ۽ معاملن تي متحد ٿيڻ گهرجي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ