اسلام آباد – 23 اپريل (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قو??ي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته سڀ کان پهرين عمران خان ٻڌائي ته هن سينيٽ ۾ ووٽ ڪنهن جي اڳيان وڪرو ڪيو ۽ ڪنهن جي چوڻ تي سينيٽ چونڊن ۾ ووٽ پول ڪرڻ نه آيو، پڇيو وڃي ته چوڌري محمد سرور کي 44 ووٽ ڪٿان پيا ڪنهن ڏنا جواب ته ڏين. هو پيمرا ڪائونسل آف ڪمپلينٽس ۾ حاضري کانپوءِ صحافين سان ??ال??ائي رهي هئي. هڪ سوال جي جواب ۾ مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته چونڊيل جمهوري حڪومت جو مدو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ نگران سيٽ اپ ٺاهڻ پا??ليامينٽ جو حق آ??ي، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ مخالف ڌر اڳواڻ جو اهو استحقاق آ??ي ته اهي اتفاق راءِ سان عبوري وزيراعظم جو نالو تجويز ڪن.
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II