ڪرتار پور/نارووال– 28 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ان ??زم جو ورجاءُ ڪيو آهي ته خطي ۾ امن جي لاءِ ڀارت جيڪڏهن هڪ قدم وڌائيندو ته پاڪستان ٻه قدم وڌائيندو، ا??ان ڀارت ??ان دوستاڻا، مضبوط ۽ مهذب لاڳاپا چاهيون ٿا، ماضي جي زنجيرن کي ٽوڙي اڳتي وڌڻو پوندو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بنيادي تڪرار ڪشمير آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي قيادت جي قوت اراديت ??ان اهو مسئلو حل ٿي سگهي ٿو، امن جي لاءِ پاڪستان جي حڪومت، سياسي پارٽيون، فوج ۽ سڀئي ادارا هڪ صفحي تي آهن، ڪرتاپور کي دروبين ??ان ڏسڻ وارا گردوارا درٻار صاحب جي ياترا ڪري سگهندا، سک برادري کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وينديون، هن اها ڳالهه ڪرتارپور لنگهه جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چئي.
مضمون کا ماخذ : تھنڈرسٹرک II