اسلام آباد – 11 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت ايندڙ مالي س??ل 20 – 2019ع جي 8238 ارب 10 ڪروڙ رپين واري ڪاٿي واري وفاقي بجيٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ??ري ڇڏي آهي، ايندڙ مالي س??ل جي لاءِ بجيٽ خسارو 3151 ارب رپيا هوندو جنهن کي ٽيڪس سڌارن ذريعي پورو ڪيو ويندو، کنڊ، کاڄرو تيل، گاڏين، سگريٽ سميت ٻين ??ين تي ٽيڪس جي شرح ۾ اضافي جي تجويز آهي، 1 کان 16 گريڊ جي س??ڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 10 سيڪڙو ايڊهاڪ رليف ڏيڻ جي تجويز آهي، جڏهن ته گريڊ 17 کان 20 تائين جي ملازمن جي 5 سيڪڙو ايڊهاڪ رليف ڏيڻ جي تجويز آهي، گهٽ ۾ گهٽ اجرت وڌائي 17500 ڪئي وئي آهي، پگهاردار طبقي جي لاءِ 6 لک رپيا ساليانو ۽ بغير پگهاردار طبقي جي لاءِ 4 لک رپين کان وڌيڪ تي انڪم ٽيڪس لاڳو هوندو، ايندڙ مالي س??ل جي لاءِ ٽيڪس روينيو جو هدف 5555 ارب رپيا مقرر ڪيو ويو آهي، عال??ي مالياتي فنڊ سان 6 ارب ڊالر جي پروگرام جو معاهدو ٿيو آهي، آءِ ايم ايف جي بورڊ کان ان جي منظوري کانپوءِ ان معاهدي تي عملدرآمد شروع ٿي ويندو، سول حڪومت جا خرچ 460 ارب رپين مان گهٽ ٿي 437 ارب رپيا ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته دفاعي بجيٽ موجوده سال جي ??طح يعني 1150 ارب رپين تي مستحڪم رهندي. قومي اسيمبلي ۾ ايندڙ مالي س??ل 20 – 2019ع جي وفاقي بجيٽ روينيو واري مملڪتي وزير حماد اظهر ايوان ۾ پيش ??ئي.
وفاقي حڪومت پاران 8238 ارب 10 ڪروڙ رپين واري ڪاٿي واري بجيٽ پيش
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ