اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) حڪومت کنڊ بحران بابت انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ جاري ڪندي چيو آهي ته گذريل 5 سالن ۾ شگر ملز 22 ارب ر??ين جو ٽيڪس ڏئي 10 ارب ر??ين جا ريفنڊ ورتا، ڪميشن کنڊ بحران جو ذميوار ريگيوليٽر کي قرار ڏنو آهي، ريگيوليٽر جي غفلت جي ڪري کنڊ بحران پيدا ٿيو ۽ قيمت وڌي، وفاقي ڪابينا ريڪوري ڪري ??ئسا عوام کي واپس ڪرڻ ۽ نظام کي فعال ۽ ادارن کي متحرڪ ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، شهباز شريف فيملي جي شگر ملز ۾ ڊبل رپورٽنگ جا ثبوت مليا آهن، سنڌ حڪومت اومني گروپ کي سبسڊي ڏئي فائدو پهچايو، جي ڊي ڊبليو گروپ غيرقانوني طور تي ڪرشنگ ۾ اضافو ڪيو ۽ ڊبل بلنگ ۽ اوور انوائسنگ ۾ ملوث ڏٺي وئي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم جي احتساب واري خاص معاون شهزاد اڪبر اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير سينيٽر شبلي فراز سان گڏ صحافين کي بريفنگ ڏيندي چيو ته گذريل 5 سالن ۾ شگر ملز 22 ارب ر??ين جو ٽيڪس ڏنو جنهن مان 10 ارب ر??يا ريفنڊ ورتا ويا، اه??ي طرح گذريل 5 سالن ۾ ڪل ٽيڪس 10 ارب ر??يا ڏنو ويو، افغانستان کي برآمد ڪئي ويندڙ کنڊ جي ادائيگي ٽي ٽي ذريعي ڪئي وئي، روانگي واپار جي مد ۾ 58 سيڪڙو کنڊ افغانستان کي ڏني وڃي ٿي، کنڊ جي قيمت ۾ هڪ رپيو اضافو ڪري 5.2 ارب ر??يا منافعو ڪمايو وڃي ٿو.
گذريل 5 سالن ۾ شگر ملز 22 ارب رپين جو ٽيڪس ڏئي 10 ارب رپين جا ريفنڊ ورتا: شهزاد اڪبر
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار