اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پوري قوم کي م??ارڪباد ڏيندي چيو آهي ته خصوصي م??ڻهن خاص طور تي جسماني م??ذوري جو شڪار عورتن کي م??اشري جو فعال حصو بڻائڻ جي لاءِ دنيا سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون، پارليامينٽ قانون??از?? سميت خصوصي م??ڻهن جي رستي ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي، آئون يقين ڏياريان ٿو ته پارليامينٽ ان حوالي سان پنهنجون سموريون ذميداريون پوري ڪندي. هو پارليامينٽ هائوس جي اڱڻ ۾ عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي جسماني طور تي م??ذور عورتن جي اعزاز ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي اسپيڪر چيو ته عورتن جو عالمي ڏهاڙو اهڙو موقعو آهي ته ان جي ذريعي اسان معاشري جي خصوصي م??ڻهن جون مشڪلاتون ختم ڪرڻ ۽ کين معاشري جو فعال حصو بڻائڻ لاءِ ملڪي ۽ عالمي سطح تي شعور اجاگر ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته اسان ان سفر ۾ دنيا سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون. هن پارليامينٽ ۾ عورت ميمبرن جي گروپ ومين ڪاڪس جي چيئرمين منزه حسن جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته ان سلسلي ۾ هن قانون??از?? جي حوالي سان جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي اهو واکاڻ جوڳو آهي. پارليامينٽ جي سطح تي هن هيستائين کنيل قدمن جي باري ۾ ڳالهائيندي چيو ته اسان خصوصي م??ڻهن جي لاءِ آءِ سي ٽي به منظور ڪيو آهي ۽ خصوصي م??ڻهن جي لاءِ پارليامينٽ جي خصوصي ڪميٽي قائم ڪئي آهي، جنهن جو مقصد قانون??از?? ۾ جهولن کي ختم ڪرڻ ۽ اهڙيون سفارشون جوڙڻ آهي جنهن جي ذريعي موجوده قانونن تي عملدرآمد يقيني بڻائي سگهجي. اسپيڪر اسد قيصر چيو ته اسپتالن ۽ اهم تعليمي ادارن تائين به خصوصي م??ڻهن جي پهچ يقيني بڻائڻ لاءِ ڪم ٿي رهيو آهي، پارليامينٽ جي خصوصي ڪميٽي تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ خصوصي م??ڻهن جي لاءِ موجوده قانونن تي عملدرآمد لاءِ به ڪم ڪري رهي آهي، خصوصي م??ڻهن جي لاءِ موبائيل ايپ به شروع ڪئي وئي آهي جنهن جي ذريعي شناختي ڪارڊ، پاسپورٽ حاصل ڪرڻ ۽ ڊرائيونگ لائسنس سميت ٻي سروسز تائين انهن جي پهچ آسان ٿيندي.
معذوري جو شڪار عورتن کي معاشري جو فعال حصو بڻائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون: اسد قيصر
مضمون کا ماخذ : نتیجہ میگا سینا