اسلام آباد – 30 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان کي سائبر ??يڪيورٽي ماهرن جي ضرورت آهي، جيئن جيئن پاڪستان ڊجيٽلائيز ٿيندو ايئن ايئن سائبر ??مل?? وڌي ويندا، نئين نسل دنيا ۾ ٿيندڙ تبديلين کي بهتر طور تي سمجهي رهي آهي، آءِ ٽي جي شعبي ۾ ترقي سان پاڪستان جي آءِ ٽي جي پيداوار ۽ روانگي واپار ۾ اضافو ٿيندو، ادارن کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ سان گڏوگڏ سائبر ??يڪيورٽي طرف به پنهنجو ڌيان ڪرڻ گهرجي، هونهار شاگردن کي 50 هزار اسڪالرشپس ڏنيون پيون وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊيجيٽل پاڪستان سائبر ??يڪيورٽي هيڪاٿان جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي وفاقي وزير سهيل راجپوت، آءِ ٽي ميمبر ??يد جنيد امام، اگنائٽ جي سي اي او عاصم شهزاد حسين، سائبر ??يڪيورٽي ۽ آءِ ٽي ماهرن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته موجوده دور جي گهرجن موجب اسان کي سائبر ??يڪيورٽي ماهر گهربل آهن، يونيورسٽين جا وائيس چانسلرز کي هدايت ڪئي آهي ته سائبر ??يڪيورٽي جي تعليم کي ترجيح ڏين، پاڪستان ان شعبي ۾ ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته سائبر ??مل?? وڌڻ جي باوجود دنيا وٽ ٽيڪنالاجي جي سوائي ڪو آپشن نه آهي. ڀارت اسان جي معاشري ۾ افراتفري پکيڙڻ چاهي ٿو، سوشل ميڊيا تي فيڪ نيوز هلايون وينديون آهن، صدر چيو ته ملڪ کي آءِ ٽي ۽ سائبر ??يڪيورٽي جي ماهرن جي ضرورت آهي. هن سائبر هيڪاٿان جي انعقاد تي انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ ان جي ٻين پارٽنرز کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ان قدم سان ٽيلينٽ جي نشاندهي جو موقعو مليو آهي، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته نوجوان دنيا کي تيزي سان سمجهن ٿا، جنريشن گيپ جي ڪري فيصلا ساز پوئتي آهن، هن سائبر ??يڪيورٽي کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان سائبر ??ملن جي زد ۾ آهي، ايف بي آر ۽ نيشنل بئنڪ تي سائبر ??ملو ان جو مثال آهي، هن چيو ته پاڪستان جيترو ڊجيٽلائز ٿيندو ايترا سائبر ??مل?? وڌندا، نادرا جي ڊيٽا تي به حملو ڪيو ويو. صدر چيو ته مالياتي ادارن، ٽيلي ڪام ۽ يوٽيلي ادارن جو ڊيٽا به محفوظ نه آهي، صدر نوجوانن کي چيو ته هو پڙهي لکي ملڪ جي خدمت ڪن، پاڪستان کي ڪير به ترقي کان نٿو روڪي سگهي. آءِ ٽي جي شعبي ۾ ترقي جي نتيجي ۾ پاڪستان جي آءِ ٽي جي پيداوار ۽ روانگي واپار ۾ اضافو ٿيندو، هن چيو ته سڄي دنيا ۾ ڪريڊٽ ڪارڊ ۽ بئنڪن جو ڊيٽا چوري ٿيندو آهي پر ان جي باوجود 2018ع ۾ روزاني 5 ٽريلين ڊالر جي آن لائين ٽرانزيڪشنز ٿيندي آهي، اسان کي ادارن کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ سان گڏوگڏ سائبر ??يڪيورٽي جي طرف پنهنجو ڌيان ڪرڻ گهرجي. صدر چيو ته سيڪيورٽي انسان جو پراڻو مسئلو آهي، اڄ جي دور ۾ ڪنهن جي پرائيويسي ناهي رهي، پوري معاشري کي انفارميشن ٽيڪنالاجي کان آگاهه ٿيڻ جي ضرورت آهي، آءِ ٽي وزارت جي سيڪريٽري سهيل راجپوت تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته صدر آءِ ٽي جي شعبي ۾ سدائين گهري دلچسپي ورتي آهي، وزيراعظم پاڪستان جو به اهو ويزن آهي، اسان جي آءِ ٽي جي برآمدات وڌي رهي آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ ايف بي آر ۽ نيشنل بئنڪ تي هيڪرز جو حملو ٿيو، آءِ ٽي وزارت سائبر ??سپيس کي بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، ايندر سال جون تائين نيشنل سيٽ قائم ڪ??داسين، شعباجاتي سيٽ به قائم ڪ??ا ويندا، اداره جاتي رابطن کي وڌايو ويندو، ان سلسلي ۾ ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ رولز به جوڙيا ويندا، هن چيو ته پهريون ڀيرو سائبر ??يڪيورٽي هيڪاٿان جو انعقاد ڪيو ويو، اسان کي ان باري ۾ نجي شعبي جو به تعاون حاصل رهيو، سائبر ??يڪيورٽي هيڪاٿان لاءِ لاهور، ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ هڪ هزار ٽيمون رجسٽريشن ڪيُون جڏهن ته 475 مقابلن ۾ شرڪت ڪئي، حتمي مقابلي ۾ بهترين ٽيلينٽ سامهون آيو آهي، ان کان اڳ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڊجيٽل پاڪستان سائبر ??يڪيورٽي هيڪاٿان جي مقابلي ۾ مختلف ڪيٽيگريز ۾ نمايان ڪاميابي حاصل ڪندڙ آءِ ٽي ماهرن ۾ انعام ورهايا.
پاڪستان کي سائبر سيڪيورٽي ماهرن جي ضرورت آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados