ملتان – 07 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪ افغان سرحد خاردار تار لڳائڻ تي ڪيتريون ئي مشڪلاتون پيش آيون، شهادتون به ٿيون پر اها خاردار تار ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب دوران ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته وڏي عرصي کانپوءِ افغانستان جي معاملي تي مسلمان امت کي گڏ ??يو جنهن جو مقصد افغان عوا?? کي تحف?? فراهم ڪرڻ آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيڪو به حڪومت جي خلاف تحريڪ هلائڻ چاهي ٿو شوق سان هلائي اسان کي ڪو به خطرو نه آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ملتان ۾ ترقياتي منصوبن کي جلد پچاڻي تائين پهچايو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته صحت ڪارڊ سان عوا?? کي طبي سهولتون بنا فرق جي فراهم ڪيون وينديون.
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔