اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وز??ر مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسان کي آبي وسيلن جي حوالي سان درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ علائقائي، جاگرافيائي، سياسي، اقتصادي ۽ ماحولياتي ڳالهين کي سامهون رکندي م??ثر قدم کڻڻا پوندا. هن اها ڳالهه آبي سفارتڪاري جي حوالي سان ماهرن جي ورڪنگ گروپ جي پهرين اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. انڊس واٽر ڪمشنر مهر علي شاهه، پاڻي معاملن جي ماهرن شرمين طارق، توانائي، پاڻي ۽ پائيداري پروگرام جي ريسرچ اينالسٽ فروا عامر ۽ پرڏيهي وزارت جي سينئر آفيسرن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، ورڪنگ گروپ جو اجلاس آبي سفارتڪاري بابت چئلينجز ۽ انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ م??ثر لائحه عمل جوڙڻ جي حوالي سان غور ويچار لاءِ منعقد ڪيو ويو. پرڏيهي وز??ر چيو ته پاڪستان جو شمار انهن ملڪن ۾ ٿئ?? ٿو جيڪي پاڻي جي شديد کوٽ جو شڪار آهن، زرعي ملڪ هجڻ جي ناطي اسان جي زرعي معيشت لاءِ پاڻي وسيلن جي دستيابي انتهائي اهميت واري آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته اسان کي آبي وسيلن جي حوالي سان درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ علائقائي، جاگرافيائي، سياسي، اقتصادي ۽ ماحولياتي ڳالهين کي نظر ۾ رکندي م??ثر قدم کڻڻا پوندا.
پرڏيهي وزير جي صدارت ۾ آبي سفارتڪاري جي حوالي سان ماهرن جي ورڪنگ گروپ جو پهريون اجلاس
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری نمبر