اسلام آباد – 24 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا سان مختلف شعبن خاص طور تي واپار ۽ معيشت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاو?? کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو، ملڪ جي آءِ ٽي سي??ٽر ۾ تمام گهڻي صلاحيت آهي ۽ پرڏيهي سي??پڪار?? کي ملڪ جي سي??پڪاري جي لاءِ سازگار ماحول مان فائدو کڻڻ ۽ پاڪستان جي آءِ ٽي سي??ٽر ۾ سي??پڪاري ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر اها ڳالهه آمريڪا ۾ پاڪستان جي نامزد سفير سردار مسعود خان سان ملاقات دوران چ??ي جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. نامزد سفير سان ڳالهائيندي صدر چيو ته حڪومت جيو اڪنامڪس تي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ ٻطرفي واپار ۽ آمريڪا سان سڌوسنئون پرڏيهي سي??پڪاري کي وڌائڻ جي لاءِ تعاون جي وڌيڪ شعب?? کي ڳولڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني ملڪي معيشت جي مختلف شعبن خاص طور تي آءِ ٽي جي شعبي ۾ سي??پڪاري کانسواءِ ٻطرفن اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپ?? کي وڌائڻ جي لاءِ هڪ پل جو ڪم ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. صدر سفير کي چيو ته هو ڀارت جي اصل چهري کي بي نقاب ڪري جيڪو ڀارتي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي خلاف انساني حقن جي سنگين خلاف ور??ين ۾ ملوث آهي. صدر نامزد سفير کي آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير طور مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته هو آمريڪا سان ٻطرفن لاڳاپ?? کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.
پاڪستان آمريڪا سان مختلف شعبن خاص طور تي واپار ۽ معيشت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو: صدر
مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب