اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته اڄ (ن) ليگ پيڪا قانون تي واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙي رهي آهي، پيڪا قانون (ن) ليگ ئي ٺاهيو هو، پيڪا قانون ٺاهيندڙ ڪهڙي منهن سان ان قانون تي ڳالهه ڪري سگهن ٿا، (ن) ليگ فيڪ نيوز، بوگس وڊيو ۽ الزام ب??زي جي سياست جي خالق آهي، (ن) ليگ سدائين پنهنجي چوري لڪائڻ جي لاءِ ٻين جي عزت اڇالڻ جي ماهر آهي، هاڻي جڏهن ته انهن جي پُڇ تي پير آيو ته رڙيون ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن، انهن کي ڊپ آهي ته پيڪا آرڊيننس سان انهن جو اهو ڪوڙ وڌيڪ نه هلي سگهندو. مملڪتي وزير فرخ حبيب مريم اورنگزيب جي بيان تي پنهنجي ردعمل ۾ چيو ته شهبا?? شريف پنهنجي ڪوڙ، چوري ۽ ڪرپشن کي بچائڻ جي لاءِ زرداري جي درو??زي تي پهچي ويو آهي، عمران خان کي عوام 2018ع ۾ وڏو مينڊيٽ ڏئي حڪومت ۾ موڪليو، حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪندي، 2018ع تي جڏهن پي ٽي آءِ جي حڪومت ٺهي ته انهي ڏينهن کان اسان اپوزيشن جي استعيفائن، ڌرڻن ۽ عدم اعتماد جون ڳالهيون ٻڌندا پيا اچون، پي ڊي ايم کان ٻاهر ويهي ڪري فيصلن سان ثابت ٿي چڪو آهي ته پي ڊي ايم غيرفعال ٿي چڪي آهي. هن چيو ته (ن) ليگ کي جيڪڏهن ڪنهن شيءَ جي ضرورت آهي ته اها هڪ قيادت ۽ ڀڳوڙي نوا?? شريف کي وطن واپس آڻڻ آهي، شهبا?? شريف ته ضامن هو، هاڻي ڪيڏانهن وئي اها ضمانت، نوا?? شريف لنڊن ۾ هشاش بشاش آهي، حڪومت بار بار شهبا?? شريف کيياد ڪري رهي آهي ته نوا?? شريف هاڻي صحتمند آهي، کيس پهرين فرصت ۾ واپس آڻي، شهبا?? شريف هاڻي ”ميثاق ڪرپشن“ جي لاءِ متهرڪ آهي، هو چاهي ٿو ته کيس ۽ سندس همنوائن کي ڪنهن به طرح حڪومت کان اين آر او ملي وڃي، عمران خان جو انهن لاءِ واضح پيغام آهي ته ڪرپشن، چوري، مني لانڊرنگ ڪندڙن ۽ جعلي اڪائونٽس ٺاهيندڙن جي آخري آرامگاهه جيل آهي، هاڻي جيڪڏهن شهبا?? شريف ڏينهن ۾ جاڳندي خواب ڏسڻ چاهي ٿو ته اسان کيس ان کان روڪي نه ٿا سگهون پر سمجهائي ضرور سگهون ٿا ته هو اقتدار جا خواب ڏسڻ ڇڏي ڏي. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پهرين جنوري 2019ع کان هيستائين مختلف سائبر ڪرائيمز جون ڪل 2 لک 44 هزار 930 شڪايتون مليون، سوشل پليٽ فارم تان متاثرين کي ملندڙ اذيت، مصيبت ۽ مشڪلاتن جو تدارڪ ڪيئن مم??ن آهي، معاشري کي جعلي خبرن ۽ غيرلاڳاپيل سوشل ميڊيا آئٽمز جي الزامن جي خلاف انهن جي ذاتي زندگين جي لاءِ موثر قانوني تحفظ ۽ حفاظت جي سخت ضرورت هئي، بي بنياد خبرن سان غيريقيني صورتحال پيدا ڪرڻ ??و رستو بند ٿيڻ گهرجي.
اڄ (ن) ليگ پيڪا قانون تي واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙي رهي آهي: مملڪتي وزير فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : اسلام آباد لاٹری