لاهور – 28 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آ??ي ته عوام مهانگائ?? ۾ ??يڙهيل آهي، غريب خاندان رلي ويا آهن، پيٽرول جي قيمت ۾ اضافو دل تي پٿر رکي ڪيو، سوا ڪروڙ مستحق خاندانن کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ 28 ارب روپيا مختص ڪيا ويا آهن، نواز شريف ايٽمي ڌماڪن جي وقت پنج ارب ڊالر جي آڇ قبول ڪرڻ بدران ملڪي مفاد ۽ دفاع کي ترجيح ڏني. صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته موجوده ح??لتن ۾ غريب خاندان رلي ويا آهن، هڪ وقت جي ماني، علاج لاءِ پئسا ۽ نوڪري نه آهي، محمد شهباز شريف چيو ته پيڙهيل ماڻهن لاءِ 28 ارب روپين جي فنڊز جو پيڪيج جو آغاز ڪري رهيا آهيون جنهن تحت غريب گهراڻن کي 2 هزار روپيا ماهوار ڏنا ويندا، وزيراعظم چيو ته اسان جي اولين ترجيح معيشت جي بحالي ۽ عوام کي رليف ڏيڻ آهي جنهن جي لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کڻي رهيا آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ايٽمي ڌماڪن جي وقت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي هر قسم جي لالچ ڏني وئي، پر هو نه ته ڪنهن ڌمڪي ۾ آيو نه ئي غير ملڪي سربراهن سان سخت لهجي ۾ ڳالهه ڪئي ۽ آمريڪي صدر سان انتهائي سٺي انداز ۾ چيو ته توهان 5 ارب ڊالر جي جيڪا آڇ ڪري رهيا آهيو ان تي توهان جو تمام گهڻو ٿورائتو آ??يان، مون کي پاڪستان جي مفادن جو تحفظ ڪرڻو آ??ي، اسان پاڪستان جي دفاع تي حرف نه اچڻ ڏينداسين.
عوام مهانگائي ۾ پيڙهيل آهي، غريب خاندان رلي ويا آهن: محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : آن لائن اسکریچ کارڈز