اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) پرڏيهي آفيس چيو آهي ته ڀارت جي باري ۾ پاڪستان جي پاليسي ۾ ڪا به تبديلي ناهي آئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جاري بيان ۾ چيو ته انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽيڊيز اسلام آباد ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي ڀارت سان لا??اپن جي حوالي سان ڏنل ريمارڪس جي حقيقتن کان هٽي ڪري تشريح ڪئي پئي وڃي ۽ اُن کي غلط طريقي سان پيش ڪيو پيو وڃي، پرڏيهي آفيس جي ترجمان جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي ڀارت بابت پاليسي ۾ ڪا به تبديلي ناهي آئي ??نه?? تي قومي اتفاق راءِ آهي، پاڪستان سدائين ڀارت سميت پنهنجي پاڙيسرين سان تع??ون تي ٻڌل لا??اپن جو خواهشمند رهيو آهي، ترجمان چيو ته پاڪستان ڄمون ۽ ڪش??ير جي بنيادي تڪرارن سميت سمورا حل طلب مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ مسلسل تعميري ۽ نتيجا خيز ڳالهين جي وڪالت ڪئي آهي، تنهن هوندي به ڀارت پنهنجي دشمني ۽ رجعت پسنداڻي قدمن سان ماحول کي خراب ڪيو آهي ۽ امن ۽ تع??ون جي امڪانن کي روڪيو آهي، ڀارت تي اها ذميداري لا??و ٿئي ٿي ته هو بامعنيٰ ۽ نتيجا خيز ڳالهين لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي لاءِ ضروري قدم کڻي، ترجمان چيو ته پرڏيهي وزير 5 آگسٽ 2019ع کان والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ ڀارت جي غير قانوني ۽ هڪطرفي ڪاررواين جو حوالو ڏيندي پاڪستان جو موقف واضح طور تي بيان ڪيو ۽ ڀارتي قدمن کي ڪشميري عوام جي حقن تي حملو قرار ڏنو، پرڏيهي وزير ان سان گڏوگڏ ڀارت ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا جو به ذڪر ڪيو ??نه?? ڀارت سان بامعنيٰ ڳالهين لاءِ هڪ غير ساز ماحول پيدا ڪيو آهي، پرڏيهي وزير جي ريمارڪس کي تڪرارن جي حل لاءِ ان جي اهم پيغام جي مجموعي تناظر ۾ بهتر طور تي سمجهيو ويندو آهي ??نه?? تي هن ٿنڪ ٽينڪ جي تقريب ۾ پنهنجي خطاب ۾ زور ڏنو هو.
ڀارت جي باري ۾ پاڪستان جي پاليسي ۾ ڪا به تبديلي ناهي آئي: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : ڈریگن کی قسمت