اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سا?? ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪشميرين جي خلاف ظالماڻا قدم مذمت جوڳا آهن، عالمي سطح تي ان تڪرار کي ڀرپور انداز ۾ اجاگر ڪرڻ ۽ دنيا جو ڌيان واديءَ ۾ ڪشميري عوام تي ڪيل ظلمن طرف ڇڪ??ائڻ جي لاءِ هر فورم تي آواز اٿاريندا رهنداسين. 5 آگسٽ تي ملهائجندڙ استحصال ڏهاڙي جي حو??لي سان ”اي پي پي“ سا?? ڳالهائيندي هن چيو ته ڪشمير مسئلو 75 سا??ن کان حل نه ٿي سگهيو، عالمي سطح تي ان تڪرار کي ڀرپور انداز ۾ اجاگر ڪرڻ ۽ دنيا جو ڌيان واديءَ ۾ ڪشميرين تي ڪيل ظلمن طرف ڇڪ??ائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ۽ اسان آخري دم تائين اها ڪوشش جاري رکنداسين. هن چيو ته اسان جو اسلامي ۽ اخلاقي فرص بڻجي ٿو ته اسان مظلوم ڪشميرين جي لاءِ دنيا جي هر فورم تي نه رڳو آواز اٿاريون پر عالمي ضمير کي جنجهوڙڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪريون. خورشيد شاهه ڪشمير تڪرار کي گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب حل ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته معصوم ڪشميرين تي ڀارتي ظلمن جي انتها ٿي چڪي آهي، ان جي خاتمي لاءِ اسان کي انسانيت جي ن??لي تي عالمي برادري جي ضمير کي بيدار ڪرڻ ۽ تڪرار جي پائيدار ۽ پرامن حل جي لاءِ ننهن چوٽي جو زور لڳائڻو پوندو. هن چيو ته ڪشميرين جو موثر آواز بڻجڻ جي لاءِ اسان کي شهيد ذ??ال??قار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جهڙو طرز عمل اختيار ڪرڻو پوندو.
ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا: وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه
مضمون کا ماخذ : como jogar dupla sena