اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) بين الپارلياماني يونين جي صدر دارتي پچيڪو چيو آهي ته موسمياتي تبديلين ۾ پاڪس??ان جو ڪردار انتهائي گهٽ آهي پر پاڪس??ان ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جو سبب اهي ئي موسمياتي تبديليون آهن، جن ترقي يافته ملڪن جو ماحولياتي تبديلين ۾ وڏو حصو آهي انهن کي مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪس??ان جي مدد ??ي لاءِ اڳتي اچڻ گهرجي، ايس ڊي جيز هدف حاصل ڪرڻ ??ي لاءِ اسان کي سڀاڻي بدران اڄ عملدرآمد جي پاليسي اختيار ??رڻ?? پوندي، عوام کي تعليم جي سهولتن?? غربت ۽ عدم برابري جي خاتمي ۽ بهتر مستقبل ??ي لاءِ ايس ڊي جيز تي عملدرآمد انتهائي اهم آهي. هو پارليامينٽ هائوس ۾ پائيدار ترقياتي هدف (ايس ڊي جيز) ??ي لاءِ ايشيا پيسفڪ ملڪن جي بين الپارلياماني يونين جي ٽئين علائقائي سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف، پارلياماني ٽاسڪ فورس جي ڪنوينر رومينه خورشيد عالم پڻ خطاب ڪيو. بين الپارلياماني يونين جي صدر پاڪس??ان ۾ ٻوڏ جي صورتحال جي باوجود آءِ پي يو سيمينار منعقد ڪرڻ تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ پاڪس??ان جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته ايس ڊي جيز سموري انسانيت ??ي لاءِ اهم آهي هن وقت پاڪس??ان کي ٻوڏ جي صورت ۾ وڏي ق??رتي آفت درپيش آهي اسان ان تي پاڪس??ان سان يڪجهتي ۽ همدردي جو اظهار ڪريون ٿا، ايتري وڏي پئماني تي ق??رتي آفت ناهي ڏٺي جنهن ۾ ڪروڙين انسان متاثر ٿيا آهن، هزارين فوتگيون ٿيون، ڪروڙين ماڻهو بي گهر ٿيا، لکين گهر تباهه ٿيا، فصلن کي نقصان پهتو، معيشت تباهه ٿي. هن چيو ته اهو سڀ موسمياتي تبديلين جو نتيجو آهي، سڄي دنيا ۾ عوام موسمياتي تبديلين ۾ پاڪس??ان جو ڪردار انتهائي گهٽ آهي، ان جي ڀيٽ ۾ ترقي يافته ملڪن جو موسمياتي تبديلين ۾ تمام وڏو هٿ آهي، اهي اڳتي وڌي پاڪس??ان جي مدد ڪن، ان کانسواءِ موسمياتي تبديلين جي حوالي سان به انهن کي ڪردار ادا ??رڻ?? پوندو. هن ايس ڊي جيز جي اهميت تي روشني وجهندي چيو ته پاڪس??ان پاران انهن هدفن جي روزاني جي بنياد تي نگراني ??ي لاءِ پارلياماني ٽاسڪ فورس جو قيام احسن قدم آهي. هن چيو ته اسان جو ماحول اسان جي پنهنجي مستقبل ??ي لاءِ آهي اسان کي ان جو تحفظ ??رڻ?? آهي، ان جي اثرن کان ڇوٽڪارو حاصل ??رڻ?? آهي، جيڪڏهن ان جو ختمو نه ڪيو ويو ته اهي پوري دنيا کي لپيٽ ۾ وٺي سگهن ٿا. هن چيو ته تعليم، صحت ۽ معيشت جي بهتري لاءِ هزاريه ترقياتي هدف اهم آهن?? غربت، عدم برابري، بهتر دنيا ۽ خوشي ??ي لاءِ ايس ڊي جيز اهم آهن. هن چيو ته اسان عوام جا نمائندا آهيون اهي پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ اسان طرف ڏسي رهيا آهن، موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ ??ي لاءِ اسان کي فوري ق??م کڻڻ جي ضرورت آهي، اسان کي هڪ ٻئي سان گڏجي ڪم ??رڻ?? آهي، پنهنجي تجربن مان هڪ ٻئي کي فائدو کڻڻو آهي. هن چيو ته ه??ان جڏهن اسان پنهنجي ملڪن ۾ وڃون ته ايس ڊي جيز جي هدفن تي عملدرآمد لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪريون، هو اسان جي حڪومتن جي بجيٽ جي منظوري ۽ ترجيحن ۾ اولين حيثيت رکندڙ هجڻ گهرجي.
پاڪستان ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جو سبب موسمياتي تبديليون آهن: بين الپارلياماني يونين جو صدر
مضمون کا ماخذ : گنہر نا لوٹیریا