رياض -27 فيبروري (اي پي پي) سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزارت چيو آهي، ته عمري جو تعداد م??رر ناهي ۽ زائرين پنهنجي مرضي ۽ سهولت سان جيترا ڀيرا چاهين ع??رو ڪري سگهن ٿا. سعودي نشرياتي اداري مطابق حج وزارت طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته زائرين جي لاءِ عمري جي تعداد م??رر ناهي ڪئي وئي ۽ زائرين پنهنجي مرضي ۽ سهولت مطابق جيترا ڀيرا چاهين ع??رو ڪري سگهن ٿا. وزارت جو چ??ڻ هو ته وزٽ، سياحت يا ملازمت ويزا هولڊر ڪنهن به پابندي کانسواءِ ع??رو ڪري سگهن ٿا. زائرين مملڪ?? مان واپسي لاءِ ٽرانسپورٽ وسيلا به تبديل ڪري سگهن ٿا. هوائي رستي ايندڙ جيڪڏهن ته بحري يا بري رستي به واپس وڃي سگهن ٿا. سعودي عرب اچڻ ۽ وڃڻ جي سلسلي ۾ ڪنهن به انٽرنيشنل يا لوڪل ايئرپورٽ جي پابندي ناهي، ڪنهن به ايئرپورٽ تان اچ وڃ ڪري سگهجي ٿي. واضح رهي ته سعودي عرب آن لائين ٽرانزٽ وز?? ويزا سروس جي شروعات ڪئي آهي جنهن جو مقصد سعودي عرب اچڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ آهي. ٽرانز?? ويزا تي عمرو، مسجد نبوي جي زيارت، سياحتي پروگرامن ۾ شرڪت ۽ ملڪ جي شهرن ۾ اچ وڃ جي سهولت هوندي.
زائرين پنهنجي مرضي ۽ سهولت سان جيترا ڀيرا چاهين عمرو ڪري سگهن ٿا: سعودي جي حج واري وزارت
مضمون کا ماخذ : como jogar na loteria