رياض – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب ۾ غيرقانوني ??رڏ??هين خلاف ڪم ڪندڙ گڏيل ڪميٽي گذريل هڪ هفتي دوران 16 هزار 790 غير قانوني ??رڏ??هين کي گرفتار ڪري ورتو آهي. سعودي خابرو اداري موجب غيرقانوني ??رڏ??هين خلاف ڪم ڪندڙ گڏيل ڪميٽي طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهي گرفتاريون 4 آڪٽوبر کان 11 آڪٽوبر 2023ع دوران ڪيون ويون آهن. ڪميٽي چيو آهي ته گرفتار ٿيلن مان 10177 اقامه قانونن جي ڀڃڪڙي، 4523 گرفتار ٿيل سرحدي قانون جي ڀڃڪڙي ۽ 2090 ??رڏ??هي ليبر قانون جي خلاف ورزي ۾ ملوث هئا. ان عرصي دورا?? 709 ماڻهو گرفتار ڪيا ويا جيڪي سرحد پار ڪري ملڪ ۾ غيرقانوني طور اچڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. گرفتار ٿيلن مان 63 سيڪڙو يمني، 34 سيڪڙو ايٿوپين ۽ ٽي سيڪڙو ٻين ملڪن جا شهري هئا.
مضمون کا ماخذ : loteria do Paraná