ڪابل -14 مئي (اي پي پي) ٻارن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ڪم ڪندڙ عال??ي اداري سيو دي چلڊرين چيو آهي، ته افغانستان جي صوبي بغلان ۾ شديد برساتن ۽ ٻوڏ سبب بي گهر ٿيل ??اڻهن ۾ 40 هزار ٻار به شامل آهن. ميڊيا رپورٽن مطابق افغانستان ۾ سيو دي چلڊرين جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ارشد ملڪ چيو آهي ته اهي ٻارڙا ڊنل آهن، سندن گهر، اسڪول ۽ راندين جا ميدان ٻوڏ جي ور چڙهي ويا ??هن جنهن سان سندن ڏهاڙي جا معاملا شديد متاثر ٿيا آهن. افغانستان ۾ ورلڊ فوڊ پروگرام جي آفيس ۽ مقا??ي افغان اختيارن مطابق شديد برساتن ۽ ٻوڏ سبب سڄي ملڪ ۾ 330 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا آهن.
مضمون کا ماخذ : لکی لیڈیز چارم