اسلام آباد – 07 نومبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان سوئٽزرلينڊ ??ان پنهنجي ٻه طرفي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه ??ان ڏسي ٿو، انهن لاڳاپن کي گهڻ رخي شعبن ۾ وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي، پاڪستان ۽ سوئٽزرلينڊ ه?? ٻي جي تجربن مان گهڻو ڪجهه سکي س??هن ٿا ۽ اداره جاتي تعاون ۽ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا ??ان رابطاڪاري کي وڌيڪ موثر بڻائي سگهجي ٿو، سوئٽزرلينڊ جي پارلياماني وفد جي دوري جا جلد مثبت نتيجا سامهون ايندا. اهڙن خيالن جو اظهار سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سوئٽزرلينڊ جي رياستن جي ڪائونسل جي صدر جين ري??ي فرنيئر جي سربراهي ۾ پاڪستان جي ٽن ڏينهن جو دورو ڪندڙ پارلياماني وفد ??ان پارليامين?? هائوس ۾ ملاقات دوران ڪيو.
مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم