اسلام آباد -29 نومبر (اي پي پي) مواصلات ۽ پوسٽل سروسز جي وفاقي وزير مراد سعيد چيو ??هي ته پي ڊي ايم جا جلسا ناڪام ٿي چڪا آهن. پشاور جلسي ۽ گلگت بلتستان ۾ ناڪامي جي ڪري اپوزيشن وائڙپ جو شڪار آهي، سموري قوم ڄاڻي ٿي ته مخالف ملڪي مفاد ۾ ڪجهه به نه ڪيو آهي. اڳوڻ?? حڪمرانن ملڪ ۾ هڪ به اهڙو اسپتال نه ٺهرايو جتي هو پنهنجو علاج ڪرائي سگهن. اسان کي حڪومت ملڪي ته معيشت آءِ سي يو ۾ هئي. وزيراعظم عمران خان جي بهتري?? حڪمت عملي سبب ڪورونا جي پهرين لهر تي اثرائتي نموني ضابطو آندو ويو. پريس ??انفرنس ک?? خطاب ڪندي مراد سعيد چيو ته عمران خان کي مزدور ۽ ڏهاڙيدار طبقي جو فڪر آهي. انهيءَ لاءِ هن سمارٽ لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو. اح??اس پروگرام وسيلي هڪ ڪروڙ 60 لک خاندانن کي 12 هزار رپيا امداد ڏني وئي.
مضمون کا ماخذ : ایڈونچر کی کتاب