اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ڏوهن جي روڪٿام لاءِ يونيورسل پاڪستان ايمرجنسي هيلپ لائين جاري ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گهرو وزارت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت جي لاڳ??پي?? آفيسرن جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو جنهن ۾ يونيورسل پاڪستان ايمرجنسي هيلپ لائين (911) قائم ڪرڻ بابت وزيراعظم کي اپ ڊيٽ کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ گهرو وزير شيخ رشي?? احمد، وزيراعظم جي سياسي معاملن واري خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، گهرو سيڪريٽري، پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن اٿارٽي جي چيئرمين، نادرا جي چيئرمين، اسلام آباد جي چيف ڪمشنر، ڊي جي نيشنل ٽيلي ڪميونيڪشن ڪارپوريشن، ڊي جي نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ ۽ ٻين لاڳ??پي?? آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته بين الصوبائي رابطن سميت سمورو ضروري ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ آڪٽوبر 2021?? جي پهرين هفتي تائين هيلپ لائين باقاعده افتتاح جي لاءِ تيار هوندي. وزيراعظم لاڳ??پي?? عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي ملڪ ۾ ڏوهن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ جلد کان ج??د سروس شروع ڪرڻ ۾ سمورين رڪاوٽن کي ختم ڪن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ماڻهن جي جان ۽ مال جو تحفظ حڪومت جي بنيادي ذميواري آهي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته ان هيلپ لائين جاري ڪرڻ سان ملڪ ۾ امن ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملندي ڇو ته ڏوهن جي خلاف وقت سر ڪارروائي عمل ۾ آڻي سگهبي.
حڪومت ڏوهن جي روڪٿام لاءِ يونيورسل پاڪستان ايمرجنسي هيلپ لائين جاري ڪندي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا انعام کیسے حاصل کریں