اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پي ايم ڊي اي تي سڀني اسٽي?? هولڊرن سان مشاورت کي ا??تي وڌائڻ لاءِ اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين جاويد لط??ف سب ڪميٽي جوڙي، عين وقت تي سب ڪميٽي جي اجلاس کي ملتوي ڪري مريم اورنگزيب سميت مخالف ڌر پ??رل??امينٽ جي فورم کي پاڻ بي توقير ڪري رهي آه??. س??مر ڏينهن مريم اورنگزيب جي بيان تي پنهنجي رد عمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اها سب ڪميٽي مسلم ليگ ن جي مريم اورنگزيب جي سربراهي ۾ جوڙي وئي، سب ڪميٽي جو اڄ سومر تي پهريون اجلاس پاڻ گهرائي عين وقت تي ملتوي ڪيو ويو، پ??رل??امينٽ کي مضبوط ڪرڻ جو سبق ڏيندڙن جو منافقاڻو رويو کلي سامهون اچي ويو آهي. هن چيو ته انهن لاءِ ميڊيا جي ڊولپمينٽ، فيڪ نيوز جي خاتمي ۽ روڪنگ جرنلسٽ ۽ ميڊيا ورڪرز جي نوڪرين جي تحفظ، وقت سر پگهارن جي ادائيگي لاءِ موثر قانونسازي ۾ ڪا دلچسپي نه آهي.
سب ڪميٽي جي اجلاس کي ملتوي ڪري مريم اورنگزيب سميت مخالف ڌر پارليامينٽ جي فورم کي پاڻ بي توقير ڪري رهي آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا