اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وز??ر فرخ حبيب چيو آهي ته شهباز شريف ڪهڙي ڳالهه جي خوشي ملهائي رهيو آهي، ڪنٽونمنٽس جي اليڪشن ۾ سنڌ، خيبرپختونخواهه، بلوچستان ۾ انهن جي پارٽي جو صفايو ٿي ويو آهي، انهن جي پارٽي سڪڙجي هڪ ريجن جي پارٽي بڻجي چڪي آهي، (ن) ليگ جو پراڻو شيوو آهي جتان اليڪشن کٽي وڃي اها شفاف، جتان شڪست ملي اتي ڌانڌلي جي واويلا شروع ڪن ٿا، سڄي ملڪ جي ڪنٽونمنٽس ۾ ٿيندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ پي ٽي آءِ پهرين نمبر تي آهي، جيڪڏهن ٿوري به اخلاقي جرئت شهباز شريف ۾ هجي ها ته ان ڳالهه جو ضرور اعترا?? ڪري ها ته پهرين نمبر تي پي ٽي آءِ آ??ي. ??هباز شريف جي بيان تي پنهنجي ردعمل ۾ مملڪتي وز??ر فرخ حبيب چيو ته ڪنهن پارٽي جي مطالبي جي ڪا حيثيت نه آهي، صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي، ماضي ۾ پراڻي نظام تحت ٿيندڙ اليڪشن تي ڌانڌلي جا الزام لڳندا رهيا، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ئي شفاف اليڪشن جي ضامن آهي، مخالف ڌر هر معاملي تي سياست ڪري پر نظام کي ٺيڪ ڪرڻ جي لاءِ ذاتي مفادن کي پٺتي وجهي حڪومت جو ساٿ ڏي. هن چيو ته 2018ع ۾ پي ٽي آءِ کي شڪست ڏيندڙ هاڻي 2023ع جي اليڪشن ۾ ش??ست جا خواب ڏسي رهيا آهن، انشاءَ الله ناڪامي ۽ شڪست 2023ع ۾ به انهن جو مقدر بڻجندي. هن چيو ته وارا لڳائيندڙن ملڪي ناڻي کي بيدردي سان ڦريو، پهريون ڀيرو آءِ ايم ايف وٽ به اهي ئي ويا. هن چيو ته شهباز شريف صا??ب، حڪومت تي تنقيد کان اڳ پنهنجي ضمانت تي لنڊن ڀڄائي وٺي ويندڙ ڀڳوڙي ڀاءُ کي واپس آڻيو.
شهباز شريف ڪهڙي ڳالهه جي خوشي ملهائي رهيو آهي، ڪنٽونمنٽس جي اليڪشن ۾ سنڌ، خيبرپختونخواهه، بلوچستان ۾ انهن جي پارٽي جو صفايو ٿي ويو آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام