اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي دهشتگردي جي خلاف مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن ??ي سوڳوار خاندانن کي ٽيليفون ڪئي ۽ پونئيرن سا?? تعزيت جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اتر وزيرستان، باجوڙ ۽ ڪرم ضلعي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي پونئيرن سا?? ٽيليفونڪ رابطو ڪري انهن سا?? تعزيت جو اظهار ڪيو. هن 20 آڪٽوبر تي باجوڙ ۾ ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ لانس نائيڪ مدثر، سپاهي جمشيد خان ۽ سپاهي صمد خان جي گهرڀاتين سا?? افسوس جو اظهار ڪيو. صدر 26 آڪٽوبر تي ڪرم ضلعي ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي اسد ۽ سپاهي آصف جي وارثن سا?? پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي 26 آڪٽوبر تي اتر وزيرستان ۾ ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي رمضان خٽڪ ۽ سپاهي روحيل هسين جي گهرڀاتين سا?? پڻ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر ملڪ جي لاءِ شهيدن جي خدمتن ۽ عظيم قرباني تي شهيدن ۽ سندن خاندانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر سوڳوار خاندانن سا?? تعزيت جو اظهار ڪندي شهيد جوانن جي درجن جي بلندي لاءِ د??ا ڪئي.
صدر پاران دهشتگردي خلاف مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي سوڳوار خاندانن سان ٽيليفونڪ رابطو
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا