اسلام آباد – 02 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته اي پي پي رياستي ميڊيا جو اهم حصو آهي جيڪا ملڪي تشخص کي اجاگر ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، رياستي ميڊيا کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻندا رهنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي دوري جي مو??عي تي ڳالهائيندي ڪيو. ان مو??عي تي اي پي پي جي ايم ڊي مبشر حسن، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر عديل?? رباب ڪاظمي، ڊائريڪٽر نيوز شفيق قريشي مملڪتي وزير ??و استقبال ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب اي پي پي ڊيجيٽلائيزيشن جو پڻ افتتاح ڪيو. اطلاعات واري مملڪتي وزير ??ي پي پي ۾ تيار ٿيندڙ ڊيجيٽل اسٽوڊيو، ار??و نيوز سروس سميت ٻين شعبن جو پڻ دورو ڪيو ۽ اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مبشر حسن مملڪتي وزير کي اي پي پي جي مختلف معاملن بابت بريفنگ ڏني. مملڪتي وزير ??ن مو??عي تي ڳالهائيندي چيو ته اي پي پي رياستي ميڊيا جو اهم حصو آهي جيڪا ملڪي تشخص کي اجاگر ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن چيو ته رياستي ميڊيا کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻندا رهنداسين.
اي پي پي رياستي ميڊيا جو اهم حصو آهي جيڪا ملڪي تشخص کي اجاگر ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کی پیشن گوئی