اسلام آباد – 04 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 3 اپريل تي قومي اسيمبلي جي تحليل جي پيش نظر آئين جي آرٽيڪل 224 (1) اي تحت نگران ??زيراعظم جي مقرري ??اءِ موزون شخص تجويز ڪرڻ لاءِ وزيراعظم عمران احمد خان ??يازي ۽ عهدو ڇڏيندڙ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ميان ??حمد شهباز شريف کي خط لکيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان ??وجب صدر پنهنجي خط ۾ ٻنهي اڳواڻن کي آگاهه ڪيو ته جيڪڏهن قومي اسيمبلي جي تحليل ٿيڻ جي ٽن ڏي??هن جي اندر وزيراعظم ۽ عهدو ڇڏيندڙ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ڪ??هن شخص کي نگران ??زيراعظم بڻائڻ تي متفق نه ٿين ته ٻه، ٻه، نالا قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي جوڙيل ڪميٽي کي موڪلڻا پوندا ج??هن جي جوڙجڪ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر فوري طور تي ڪندو، اسپيڪر جي جوڙيل ڪميٽي جا ڪل 8 ميمبر هوندا جيڪا عهدو ڇڏيندڙ قومي اسيمبلي يا سينيٽ يا ٻنهي جي ميمبرن تي مشتمل هوندي. ڪميٽي ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر کي هڪ جيتري ??مائندگي حاصل هوندي. خط موجب آئين جي آرٽيڪل 244 (1) اي تحت ڪميٽي جي ميمبرن جي نامزدگي وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ ڪندا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي خط ۾ ??ڌي?? لکيو آهي ته وزيراعظم عمران احمد خان ??يازي آئين جي آرٽيڪل 224 (1) تحت نگران ??زيراعظم جي مقرري تائين وزارت عظميٰ جي عهدي تي فائز رهندو. اها ڳالهه قابل ذڪر آهي ته پاڪستان جو آئين، آرٽيڪل 224 (1) اي صدر کي وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ جي مشاورت سان ??گران ??زيراعظم جي مقرري جو اختيار ڏي ٿو.
صدر پاران نگران وزيراعظم جي مقرري لاءِ عمران احمد خان نيازي ۽ ميان محمد شهباز شريف کي خط
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados