لاهور – 13 – آگسٽ (اي پي پي) پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي پا??ست??ن جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي قوم کي دلي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پا??ست??ن لکين شهيدن جي قربانين جو ثمر آهي، پا??ست??ن جي شهيدن جي بي مثال قربانين کي سلام پيش ڪريون ٿا، هي ڏينهن ڌرتي جي انهن سمور?? بهادر فرزندن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو موقعو آهي، جن ملڪ جي سرحدن جو دفاع ۽ حفاظت ڪندي جانيون قربان ڪيون. وڏي وزير آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهن??ي پيغام ۾ چيو ته آزاد وطن جو حصول قائداعظم جي ڏينهن رات جي محنت ۽ علامه اقبال جي خواب جي تڪميل آهي، آزادي جي ڏهاڙي تي ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا. هن چيو ته آزادي جي نعمت جي تحفظ جي لاءِ معاشري ۾ گڏيل تعاون ۽ خيرسگالي کي فروغ ڏيڻو پوندو، اڄ اسان اهو وچن ورجايون ٿا ته اسان ثابت قدم رهنداسين ۽ قائداعظم جي ٻڌايل اتحاد، ايمان ۽ نظم ۽ ضبط جي مشعل کي پڪڙيندي هر چئلينج کي قبول ڪنداسين.
پاڪستان لکين شهيدن جي قربانين جو ثمر آهي، پاڪستان جي شهيدن جي بي مثال قربانين کي سلام پيش ڪريون ٿا: پنجاب جو وڏو وزير چوڌري پرويز الاهي
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی دستیابی