اسلام آباد – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ چوماسي جي تباهي آڻيندڙ برساتن ۽ ٻوڏ سبب فوتگين ج?? مجموعي تعداد وڌي 1486 ٿي ويو، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 5 ماڻهو فوت ٿيا، برساتن ج?? موسم جي آغا کان هن وقت تائين 12749 ماڻهو زخمي ٿيا آهن. نيشنل ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) معمول جي بنياد تي 24 ڪلاڪن ج?? صورتحال جي رپورٽ جاري ڪئي جنهن ۾ ملڪ جي مختلف حصن ۾ ٿيل شديد برساتن ج?? ڪري مجموعي طور تي جاني، ملڪيتن ۽ بنيادي ڍانچي کي پهتل نقصانن ج?? جائزو پيش ڪ??و ويو آهي، رپورٽ موجب تيز برساتن ۽ طوفاني ٻوڏ سبب متاثر مختلف علائقن ۾ فوتگيون ٿيون آهن، بلوچستان ۾ قلعه سيف الله ۾ هڪ مرد، عورت ۽ ٻار فوت ٿيو، جڏهن ته ڪي پي ڪي جي ضلعي ڪرم ۾ هڪ ماڻهو ۽ ٻار جي فوت ٿين ۽ هڪ ماڻهو جي زخمي ٿيڻ جو اطلاع آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسلام آباد، گلگت بلتستان، پنجاب، سنڌ ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪو به حادثو يا نقصان ناهي ٿيو، انگن اکرن موجب تيز برساتن سان بلوچستان ۾ 300 ڪلوميٽر رستن کي نقصان پهتو جڏهن ته 10336 چوپايو مال مري ويو جڏهن ته تيز برساتن ج?? واقعن ۾ 5091 گهرن کي نقصان پهتو جنهن ۾ 2166 مڪمل طور تي تباهه ۽ 2925 کي جزوي نقصان پهتو، هن وقت تائين ٿيندڙ مجموعي نقصا??ن موجب گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير سميت سمورن صوبن ج?? مختلف ضلعن ۾ تيز برساتن ج?? ڪري تق??يب?? 12718 ڪلوميٽر روڊ، 390 پل ۽ 1760372 گهرن ۽ 918473 چوپائي مال کي نقصان پهتو آهي، اين ڊي ايم اي جي رپورٽ ۾ ٻڌا??و ويو آهي ته سڄي ملڪ ۾ 81 ضلعن کي آفت سٽيل قرار ڏنو ويو جنهن ۾ تق??يب?? 33,046,329 ماڻهو متاثر ٿيا، مختلف امدادي ڪاررواين ۾ 179281 ماڻهن کي بچا??و ويو ۽ 546288 ماڻهو ڪيمپن ۾ رهن پيا. نقصانن ج?? ڪاٿي لاءِ بلوچستان ج?? 30 ضلعن ۾ گڏيل سروي شروع ڪ??و ويو ۽ سروي لاءِ 32 ٽيمون مقرر ڪيون ويون آهن، 25 سيپٽمبر تائين مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي، گلگت بلتستان ۾ 4 ٽيمون مقرر ڪيون ويون آهن ج??هن 12 سيپٽمبر کان سروي شروع ڪئي ۽ 20 سيپٽمبر تائين مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي، پنجاب ۾ ٽي سروي ٽيمون فيلڊ ۾ مقرر ڪيون ويون آهن ج??هن 12 سيپٽمبر کان سروي جو آغاز ڪيو ۽ 30 سيپٽمبر تائين مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي، خيبرپختونخوا ۾ تق??يب?? 6 ٽيمون سروي شروع ڪرڻ لاءِ موجود آهن ج??ڪي 15 سيپٽمبر کان شروع ٿ?? ۽ 15 آڪٽوبر تائين مڪمل ڪ??و ويندو، سنڌ ۾ سروي جو عملي طور تي 25 سيپٽمبر کان آغاز ٿيڻ جي اميد ظاهر ڪئي وئي آهي.
سڄي ملڪ ۾ چوماسي جي برساتن ۽ ٻوڏ سبب فوتگين جو مجموعي تعداد وڌي 1486 ٿي ويو، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 5 ماڻهو فوت ٿيا:اين ڊي ايم اي
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب