اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي پاڪستا?? اچڻ تي آجيان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جو جنون آهي، سڄي دنيا ڄاڻي ٿي ته پاڪستاني عوام ڪهڙي طرح ڪرڪيٽ سان والهاڻو لڳاءُ رکي ٿي. اها ڳالهه هن برطانوي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر پاران پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي جي موقعي تي ڳالهائيندي چئي. آجياڻي واري تقريب ۾ انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپ??ان بين اسٽوڪس ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپ??ان بابر اعظم اطلاعات واري وفاقي وزير سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته پاڪستان ۽ انگلينڊ جي وچ ۾ 17 سالن کانپوءِ تاريخي ٽيسٽ سيريز جي لاءِ سڄي قوم پرجوش آهي. هن چيو ته پاڪستان انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي لاءِ به??ري?? ۽ محفوظ جڳهه آهي، پاڪست??ن حڪومت انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي به??ري?? سيڪيورٽي فراهم ڪري رهي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير تازي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ۽ انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيمن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. ان موقعي تي برطانوي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپ??ان بين اسٽوڪس به??ري?? مهمان نوازي تي پاڪستان جي عوام جا ٿورا مڃيندي چيو ته پاڪست??ن حڪومت پاران اطمينان جوڳي سيڪيورٽي فراهم ڪئي وئي آهي. هن چيو ته اسان به??ري?? ڪرڪيٽ کيڏڻ جي لاءِ پراميد آهيون. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپ??ان بابر اعظم انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي پاڪستا?? اچڻ تي ڀليڪار ڪيو ۽ به??ري?? ران?? پيش ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو.
مريم اورنگزيب پاران انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي پاڪستان اچڻ تي آجيان
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ