اسلام آباد – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته 16 ڊسمبر دهشتگردي خل??ف پوري پاڪستان جو آواز هڪ ٿيڻ جو ڏينهن آهي، سالن کانپوءِ به ڏک آهي جيڪو وسرجي نه ٿو. اي پي ا??س سانحي جي ورسيءَ جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هر سال 16 ڊسمبر جو ڏينهن پوري قوم کي ا?? عذاب ۽ ڏک جي ياد ڏياري ٿو جڏهن دهشتگردن اي پي ا??س پشاور ۾ ظلم جو داستان لکيو. سالن کانپوءِ به ڏک آهي جيڪو وسارجي نه ٿو. اڄ اي پي ا??س سانحي جي شهيدن سان عقيدت ۽ انهن جي پونئيرن جو ڏک ونڊڻ جو ڏينهن آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني قوم پنهنجي شهيدن جون قربانيون ڪڏهن به نه وساريندي، 16 ڊسمبر دهشتگردي جي خل??ف پوري پاڪستان جو هڪ آواز ٿيڻ جو ڏينهن آهي. هي ڏينهن پوري دنيا جي لاءِ پيغام آهي ته پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ عظيم قربانيون ڏنيون آهن. اسان جي ا??ا جدوجهد جاري آهي جيڪا ان لعنت جي مڪمل خاتمي تائين انهي مضبوط ارادي ۽ ثابت قدمي سان جاري رهندي.
16 ڊسمبر دهشتگردي خلاف پوري پاڪستان جو آواز هڪ ٿيڻ جو ڏينهن آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ