اسلام آباد – 17 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا کي چونڊن بابت مشاورت جي لاءِ 20 فيبروري 2023ع تي ايو??ن صدر ۾ هنگامي اجلاس جي دعوت ڏني آهي. اليڪشنز ايڪٽ 2017ع ج?? سيڪشن 57 (1) تحت صدر عام چونڊن جي تاريخ يا تاريخن جو اعلان اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سان مشاورت کانپوءِ ڪندو. ايو??ن صدر جي پريس ونگ موجب چيف اليڪشن ڪمشنر جي نالي پنهنجي خط ۾ صدر چيو ته سندس 08 فيبروري جي خط کانپوءِ ان معاملي تي ??اهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۽ سپريم ڪورٽ جي تازي مشاهدن جهڙي ڪجهه اهم اڳڀرائي ٿي آهي. صدر پنهنجي پهرين خط ۾ اليڪشن ڪميشن پاران جواب نه ملڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته هو بي چيني سان انتظار ڪري رهيو هو ته ڪميشن پنهنجي آئيني فرض جو احساس ڪندي ۽ ان موجب ڪم ڪندي. هن چيو ته ان اهم معاملي تي اليڪشن ڪميشن جي افسوسناڪ رويي سان انتهائي مايوسي ٿي آهي. پنهنجي خط ۾ صدر چيو ته آ??ين جي تحفظ ۽ دفاع ج?? پنهنجي آئيني ذميواري جو احساس ڪندي چيف اليڪشن ڪمشنر کي 20 فيبروري 2023ع تي ??نهنجي آفيس ۾ چونڊن تي ??شاورت جي لاءِ هنگامي ملاقات جي لاءِ گهرايان ٿو.
صدر پاران چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا کي چونڊن بابت مشاورت جي لاءِ 20 فيبروري 2023ع تي ايوان صدر ۾ هنگامي اجلاس جي دعوت
مضمون کا ماخذ : اولمپس کا عروج