اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تجزياتي سوچ جي فروغ تي زور ڏيندي چيو آهي ته انتها??ي مقابلي واري دنيا جي گهرجن موجب اسان کي تعليم تائين پهچ ۽ اسڪولن ۾ داخلا جي شرح کي وڌائڻو پوندو. هو هائي ٽيڪ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز جي (پهرين ايم بي بي ايس بيچ) پهرين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪري رهيو هو. صدر چيو ته پاڪستان ۾ 27 بلين ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن. هن چ??و ته تقابلي طور تي ڀارت ۽ بنگلاديش ۾ ٻارن جي اسڪول ۾ داخلا جو تناسب 98 – 100 سيڪڙو آهي. هن چ??ن جي ڪيس اسٽڊي جو حوالو ڏيندي چيو ته تعليم ۽ صحت جي شعبن تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ذريعي پاڪستان 8 سالن ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري سگهي ٿو. صدر ان کان اڳ ميڊيڪل ۽ ڊينٽل جي فارغ ٿيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ڊگريون، ميڊلز ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽ ورهايا. هن چ??و ته ملڪ عورتن جي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ ڪيريئر ختم ڪرڻ کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي، اڄ والدين واعدو ڪن ته پنهنجي انهن ٻارن ۽ ٻارڙين کي ملڪي ترقي ۽ خدمتن جي لاءِ مقرر ڪندا. عورتن کي ڪم ڪرڻ جو محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ رياست جو فرض آهي، وفاقي محتسب جهڙا ادارا ا?? ۾ ??ي ان مقصد جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. هن چ??و ته پاڪستان ۾ رڳو 9 سيڪڙو نوجوان اعليٰ تعليم جي لاءِ داخلا وٺي رهيا آهن جن کي آن لائين ايجوڪيشن جهڙا جديد تعليمي ٽولز متعارف ڪرائي وڌائڻ جي ضرورت آهي. هيپاٽائيٽس جي 9 سيڪڙو ڦهلاءُ ۽ 40 سيڪڙو اسٽنٽنگ جو حوالو ڏيندي صدر چيو ته ملڪ کي انهن چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ افرادي قوت جي سخت ضرورت آهي. هن نئين گريجوئيٽس تي زور ڏنو ته اهي احتياطي نگهداشت تي وڌيڪ ڌيان ڏين ڇو ته پاڪستان مهانگي علاج کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي. هن ياد ڏياريو ته پاڪستان ا?? ۾ ??ي ڪوويڊ 19 وبا??ي مرض دوران احتياطي طريقن کي فروغ ڏئي نمايان ڪاميابي حاصل ڪري چڪو آهي. ڪامياب ٿيندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻيون سدائين پنهنجي والدين ۽ استادن جا ٿورائتا رهو جن توهان کي هيستائين پهچايو. اڄ به پاڪستان جو شمار انهن ملڪن ۾ آهي جتي والدين جي عزت ۽ تڪريم آهي، پاڪستان کان ٻاهر رهندڙ ماڻهو هڪ مٽيءَ ۽ ٻيو والدين جي محبت ۾ پاڪستان واپس اچڻ چاهين ٿا، جيڪي محبتون والدين کي اڄ ڏنيون پيون وڃن اهي سڀاڻي انهن کي ملنديون. هن چ??و ته ڊگري حاصل ڪرڻ علم جو دروازو کولڻ آهي ڇو ته طبي شعبي ۾ خاص طور تي مصنوعي ذهانت کانپوءِ نوان رجحان متعارف ٿي رهيا آهن. هن اڳڪٿي ڪئي ته 10 سالن جي عرصي ۾ مصنوعي ذهانت ڪنهن به وقت جي اندر انساني سوچ کي ظاهر ڪرڻ جي قابل بڻائيندي ڇو ته ڪلائوڊ ٽيڪنالاجي ۾ ا?? ۾ ??ي بهترين علم موجود آهي. هن فارغ ٿيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي نصيحت ڪئي ته اهي پنهنجي انسانيت تي لالچ کي ڪڏهن حاوي ٿيڻ نه ڏين ۽ اهي سدائين اسلامي ۽ ثقافتي قدرن موجب پنهنجي مريضن سان همدردي جو مظاهرو ڪن. هائي ٽيڪ انسٽيٽيوٽ آف سائنسز جي پرنسپل ميجر جنرل (ر) حامد شفيق چيو ته والدين جي دعائن ۽ استادن جي محنت جي نتيجي ۾ ايم بي بي ايس جي پهرين بيچ 2016ع – 2021ع ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. ڪامياب ٿيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۽ والدين کي هن خوشي جي موقعي تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چ??و ته 2016ع ۾ هائي ٽيڪ انسٽيٽيوٽ آف سائنسز قائم ٿيو. ايتري گهٽ عرصي ۾ اي ڪيٽيگري ميڊيڪل ڪاليج ٿيڻ ۽ آءِ ايس او هدف حاصل ڪري ورتا آهن. هن چ??و ته ٽيچنگ اسپتال ۾ پنهنجي ميڊيڪل ڪاليج جي پوسٽ گريجوئيٽ مڪمل ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي هائوس جاب جي سهولت ڏني وئي آهي. هن چ??و ته شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تعليم دوران هم نصابي سرگرمين ۽ راندين جي سرگرمين جا ڀرپور موقعا فراهم ڪيا ويا آهن. هن چ??و ته ماسٽر پلان تحت ميڊيڪل ڪاليج جي عمارت تيار ٿي رهي آهي جيڪا 2 سالن جي مدي ۾ مڪمل ٿي ويندي. هائي ٽيڪ ميڊيڪل ڊينٽل ڪاليج جي پرنسپل پروفيسر عرفان شاهه چيو ته 5 سال اڳ جنهن جو بنياد رکيو هو اڄ اهو هڪ وڏو وڻ بڻجي چڪو آهي ۽ ان جا ثمر به اچڻ شروع ٿي ويا آهن. هن چ??و ته اسان جي شآگردن ۽ شاگردياڻين تحقيق جي شعبي ۾ پڻ محنت ڪئي آهي. ايڇ آئي سي سطح جا 100 ريسرچ پيپرز شايع ڪرايا آهن جڏهن ته اداري جو پنهنجو ميگزين پڻ شايع ٿي رهيو آهي. ايڇ آئي ٽي ۽ هائي ٽيڪ جي چيئرمين ميجر جنرل شاڪر الله خٽڪ، پرنسپل هائي ٽيڪ آءِ ايم ايس ميجر جنرل (ر) حامد شفيق، رجسٽرار نيمز ڪمانڊر (ر) فراصت علي، پرنسپل هائي ٽيڪ ميڊيڪل ڪاليج پروفيسر عرفان الله شاهه سميت فيڪلٽي ميمبرن ۽ ??اس آئوٽ ٿيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي والدين جو وڏو انگ موجود هو.
انتهائي مقابلي واري دنيا جي گهرجن موجب اسان کي تعليم تائين پهچ ۽ اسڪولن ۾ داخلا جي شرح کي وڌائڻو پوندو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : کنگ کانگ روش