اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري ??اڪٽر اسد مجيد خان ٻطرفي سياسي مشاورت جي لاءِ 31 مئي کان پهرين جون تائين آذر??ائ??جان ۽ جارجيا جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري ??اڪٽر اسد مجيد خان باڪو ۾ آذر??ائ??جان جي نائب پرڏيهي وزير ا??نو?? ممدوف سان پاڪستان آذر??ائ??جان ٻطرفي سياسي مشاورت جي گڏيل صدارت ڪندو. ڳالهه ٻولهه دوران ٻئي ملڪ سياسي، اقتصادي، توانائي، تعيلم ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ب??ائڻ جي لاءِ ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو وٺندا. پرڏيهي سيڪريٽري آذر??ائ??جان جي ڪاروباري برادري جي نمائندن سان پڻ ملاقات ڪندو ۽ اڪيڊمي ۽ ٿنڪ ٽينڪس جي ماهرن سان ڳالهه ٻولهه ڪندو. ڊاڪٽر اسد مجيد خان پهرين جون تي جارجيا سان ٻطرفي سياسي مشاورت جي افتتاحي دور ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. ڳالهه ٻولهه ۾ جارجيا جي وفد جي قيادت نائب پرڏيهي وزير اليگزينڊر خوتيشيا شويلي ڪندو. ڳالهين ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي مضبوط ب??ائڻ تي ڌيان ڏنو ويندو. ايجنڊا ۾ ثقافتي، تعليم، سياحت، دفاع ۽ سلامتي جي معاملن ۽ گهڻ رخي فورمن ۾ تعاون شامل آهي. ٻئي ملڪ ٻطرفي سياسي مشاورت جي باضابطا شروعات بابت هڪ مفاهمت جي ياداشت تي پڻ صحيحون ڪندا.
پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان 31 مئي کان پهرين جون تائين آذربائيجان ۽ جارجيا جو دورو ڪندو: پرڏيهي آفيس جي ترجمان
مضمون کا ماخذ : میان میجک وائلڈ فائر